بڪرمي ڪئلينڊر

هندن جو تاريخي ڪيلينڊر، هڪ ڏينهن کي پهرن کانسواءِ گهڙين ۾ به ورهائي سگهجي ٿو. هڪ ڏينهن ۾ چوهٺ گهڙيون ٿينديون آهن. هڪ گهڙي ساڍي ٻاويهه منٽ تي م

بڪرمي تقويم ھڪ شمسي تقويم آھي جيڪا ننڍي کنڍ پاڪستان ۽ ھندستان ۾ صدين کان رائج آھي۔

بڪرمي ڪلينڊر جيڪو راجہ بڪرم اجيت جي دور کان شروع ٿئي ٿو، ھن کي ديسیي سال يا جنتري به چوندا آھن۔ ھن شمسي تقويم ۾ سال ويساک جي مھيني کان شروع ٿئي ٿو۔

ٽي سو پنجھٺ (365) ڏينھن جي ھن ڪلينڊر جا نو مھينا ٽيھ (30) ڏينھن جا ٿين ٿا، ۽ ھڪ مھينو ويساک ايڪٽيھ (31) ڏينھن جو ٿئي ٿو، ۽ ٻه مھينا جيٺ ۽ ھاڙھ ٻٽيھ(32) ڏينھن جا ٿين ٿا۔

هندن جو تاريخي ڪيلينڊر، هڪ ڏينهن کي پهرن کانسواءِ گهڙين ۾ به ورهائي سگهجي ٿو. هڪ ڏينهن ۾ چوهٺ گهڙيون ٿينديون آهن. هڪ گهڙي ساڍي ٻاويهه منٽ تي مشتمل آهي

بڪرمي مھينا (شمسي) سنواريو

شمار نالو پنجابي گرمکي پنجابي شاھ مکي گريگورين مھينا
1 ويساک ਵੈਸਾਖ ويساکھی وچ اپريل – وچ مئي
2 جيٺ ਜੇਠ جیٹھ وچ مئي – وچ جون
3 ھاڙھ ਹਾੜ ھاڑھ وچ جون – وچ جولاءِ
4 ساوڻ ਸਾਵਣ ساون وچ جولاءِ – وچ آگسٽ
5 بڊو ਭਾਦੋਂ بادوں وچ آگسٽ – وچ سيپٽمبر
6 اسو ਅੱਸੂ اسوج وچ سيپٽمبر – وچ آڪٽوبر
7 ڪاتڪ ਕੱਤਕ کاتک وچ آڪٽوبر – وچ نومبر
8 مگھر ਮੱਘਰ مگھڑ وچ نومبر – وچ ڊسمبر
9 پوھ ਪੋਹ پوه وچ ڊسمبر – وچ جنورر
10 ماگھ ਮਾਘ ماگھ وچ جنوري – وچ فيبروري
11 ڦڳڻ ਫੱਗਣ پھگن وچ فيبروري – وچ مارچ
12 چيٽ ਚੇਤ چیت وچ مارچ – وچ اپريل

بڪرمي مھينا (قمري) سنواريو

مھينو
1 چيٽ مارچ ۽ اپريل جي وچ ۾ اچڻ وارو مھينو
2 ويساک اپريل ۽ مئي جي وچ ۾ اچڻ وارو مھينو
3 جيٺ مئي ۽ جون جي وچ ۾ اچڻ وارو مھينو
4 ھاڙھ جون ۽ جولاءِ جي وچ ۾ اچڻ وارو مھينو
5 ساوڻ جولاءِ ۽ آگسٽ جي وچ ۾ اچڻ وارو مھينو
6 بڊو آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي وچ ۾ اچڻ وارو مھينو
7 اسو سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر جي وچ ۾ اچڻ وارو مھينو
8 ڪتي يا ڪتڪ آڪٽوبر ۽ نومبر جي وچ ۾ اچڻ وارو مھينو
9 مگھر نومبر ۽ ڊسمبر جي وچ ۾ اچڻ وارو مھينو
10 پوھ ڊسمبر ۽ جنوري جي وچ ۾ اچڻ وارو مھينو
11 مانگھ جنوري ۽ فيبروري جي وچ ۾ اچڻ وارو مھينو
12 ڦڳڻ
فيبروري ۽ مارچ جي وچ ۾ اچڻ وارو مھينو

بڪرمي ڪلينڊر(جنتري) ۾ ھڪ ڏينھن جا اٺ پھر ٿيندا آھن، ھڪ پھر جديد گھڙي جي مطابق ٽن ڪلاڪن جو ھوندو آھي.

انھن پھرن جا نالا ھي آھن:

ڌمي ويل: صبح 6 بجي کان 9 بجي تائين جو وقت

ٻيپھري ويل : صبح جي 9 بجي کان ٻيپھري 12 بجي تائين جو وقت

پيشي ويل : ٻيپھري جي 12 بجي ڏينھن 3 بجي تائين جو وقت

ٻي/ديگر ويل: ٽيپھري 3 بجي کان شام 6 بجي تائين جو وقت

نماشا ںويل: رات جا پھريَان لمحا، شام 6 بجي کان وٺي ڪري رات 9 بجي تائين جو وقت

ڪفتان ويل: رات 9 بجي کان رات 12 بجي تائين جو وقت

اڌ رات ويل: رات 12 بجي کان سحر جي 3 بجي تائين جو وقت

اسر ويل: صبح جي 3 بجي کان صبح 6 بجي تائين جو وقت

لفظ " ويل/ويلا " وقت جي معنن ۾ ننڍي کنڊ جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ڳالھايو وڃي ٿو

پڻ ڏسو سنواريو