نانڪ شاھي ڪيلنڊر

بڪرمي تقويم جيڪا ھڪ شمسي تقويم آھي ننڍي کنڊ ۾ صدين کان رائج آھي۔ نانڪ شاھي ڪيلنڊڊر يا نانڪ شاھي تقويم (Nanakshahi calendar) (پنجابی: ਨਾਨਕਸ਼ਾਹੀ) جنھن کي سک ڪيلنڊر بہ چيو ويندو آھي ۽ بڪرمي تقويم ۾ بنيادي فرق ھي آھي تہ نانڪ شاھي ڪيلنڊر ۾ مھينن جي شروعات ۽ سهيڙڻ کي گريگورين تقويم (عيسوي تقويم) جي مطابقت سان رکيو ويو آھي۔ [1]

مثال طور سنواريو

  • چيٽ (بڪرمي تقويم) - وچ مارچ کان وچ اپريل
  • چيٽ (نانڪ شاھي تقويم) - 14 مارچ - 13 اپريل

نانڪ شاھي ڪيلنڊر جون خصوصيتون سنواريو

  • ھڪ استوائي شمسي ڪيلنڊر
  • نالو نانڪ شاھي گرو نانڪ (سک مذھب جي باني) جي نالي تي
  • پھريون سال گرو نانڪ جي پيدائش جو سال آھي (1469ء)
  • گريگورين ڪيلنڊر جي ميڪانيات جو گھڻو استعمال
  • طوالت سال بمطابق گريگورين ڪيلنڊر ھڪ ئي آھي (365 ڏينھن 5 ڪلاڪ 48 منٽ 45 سيڪنڊ)
  • 5 مھينا 31 ڏينھن جڏھن تہ باقي ست مھينا 30 ڏينھن تي مشتمل آھن
  • ليپ جو سال ھر 4 سالن بعد جنھن ۾ آخري مھينو ڦڳن 30 ڏينھن جي بجاءِ 31 ڏينھن جو ٿيندو آھي۔

نانڪ شاھي ڪيلنڊر جا مھينا سنواريو

نانڪ شاھي ڪيلنڊر جا مھينا ھيٺ ڏنل آھن۔ [1][2]

شمار نالو گرمکي پنجابي ڏينھن گريگورين مھينا
1 چيٽ ਚੇਤ 31 14 مارچ – 13 اپريل
2 ويساکھ ਵੈਸਾਖ 31 14 اپريل – 14 مئي
3 جيٺ ਜੇਠ 31 15 مئي – 14 جون
4 ھاڙھ ਹਾੜ 31 15 جون – 15 جولاءِ
5 ساوڻ ਸਾਵਣ 31 16 جولاءِ – 15 آگسٽ
6 بڊو ਭਾਦੋਂ 30 16 آگسٽ – 14 سيپٽمبر
7 اسو ਅੱਸੂ 30 15 سيپٽمبر – 18 آڪٽوبر
8 ڪاتڪ  ਕੱਤਕ 30 15 آڪٽوبر – 13 نومبر
9 مگھر ਮੱਘਰ 30 14 نومبر – 13 ڊسمبر
10 پوھ ਪੋਹ 30 14 ڊسمبر – 12 جنوري
11 ماگھ ਮਾਘ 30 13 جنوري – 11 فيبروري
12 ڦڳڻ ਫੱਗਣ 30/31 12 فيبروري – 13 مارچ

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 "What is the Sikh Nanakshahi calendar". allaboutsikhs.com. وقت |archive-url= requires |archive-date= (مدد) تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2008-05-09. 
  2. Gurbani And Nanakshahi Calendar Nanakshahi Sangrand Dates in Gregorian Calendar - Forever from 14 March 2003 CE / 535 NS

حوالا سنواريو


خارجي ڳنڍڻا سنواريو