بينڪاڪ

ٿائلينڊ جو راڄڌاني شهر

بينڪاڪ (Bangkok)[5][6][6][7] ٿائي لينڊ جو راڄڌاني ۽ سڀ کان وڏي آباديءَ وارو شهر آهي. هي ٿائي ٻولي ۾ ڪرونگ ٿيپ مها نکون يا فقط ڪرونگ ٿيپ جي نالي سان سُڃاتو ويندو آهي. مرڪزي ٿائلينڊ ۾ چائو فرايا درياء ڊيلٽا ۾ شهر جي پکيڙ 1،568.7 چورس ڪلوميٽرَ (605.7 چورس ميل) آهي ۽ ان جي آبادي 80 لک کان مٿي يا ڪُلَ مُلڪي آباديءَ منجهان 12.6 سيڪڙو آبادي آهي. سال 2010ع جي مردم شماري مطابق بنڪاڪ ميٽروپوليٽن ريجن ۾ چوڏهن ملين کان وَڌيڪ ماڻهو (22.2 سيڪڙو) رهن ٿا، جنهن سان بينڪاڪ ملڪ جو سڀ کان وڏو شهر بڻيل آهي، هي شهر ٿائيلينڊ جي ٻين شهري مرڪزن جي ڀيٽ ۾ قومي معيشت ۽ مقدار ٻنهين جي لحاظ کان نمايان طور اهميت رکي ٿو.

بينڪاڪ
กรุงเทพมหานคร
Krung Thep Maha Nakhon
خاص administrative area
A composite image, consisting of the following, in clockwise fashion: a skyline with several skyscrapers; a tall gate-like structure, painted in red; a monument featuring bronze figures standing around the base of an obelisk, surrounded by a large traffic circle; a cable-stayed bridge with a single pylon on one side of the river it spans; a temple with a large stupa surrounded by four smaller ones on a river bank; and a stately building with a Thai-style roof with three spires
گهڙيال جي ساڄي پاسي مٿان کان: سي لومساٿون ضلعو ڪاروباري ضلعو, دي جائنٽ تمام وڏي پِينگهَہ, وڪٽري مانيومينٽ, راما اٺون پُل, واٽ ارون, ۽ دي وڏو محل
A green rectangular flag with the seal of Bangkok in the centre
جھنڊو
A round seal bearing the image of Indra riding Airavata among clouds, with the words "Krung Thep Maha Nakhon" (in Thai) across the top
مھر
Map of Thailand, with a small highlighted area near the centre of the country, near the coast of the Gulf of Thailand
Location within Thailand
جاگرافي بيهڪ: 13°45′09″N 100°29′39″E / 13.75250°N 100.49417°E / 13.75250; 100.49417[1]
Country ٿائلينڊ
ريجنس آف ٿائي لينڊ سينٽرل
چُڪتو ٿيل c. پندرنهين هين صدي
راڄڌاني (ڪيپيٽل) طور قائم ٿيو اپريل 21، 1782
ٻيهر-جُڙيو ڊسمبر 13، 1972
قيام راجا راما پهريون
انتظامي ادارو بينڪاڪ ميٽروپوليٽن ايڊمنسٽريشن
حڪومت
 • قسم خاص انتظامي علائقو
 • گورنر، حاڪم اشون ڪووانموانگ
پکيڙ[1]
 • شهر 1,568.737 ڪ.م2 (605.693 ميل2)
 • ميٽرو[2] 7,761.6 ڪ.م2 (2,996.8 ميل2)
بلندي[3] 1.5 ميل (4.9 ft)
آبادي (مردم شماري 2010 census)[4]
 • شهر 8,305,218

بينڪاڪ 15 هين صدي ۾ ايوٿيا بادشاهت دوران پنهنجيون پاڙيون هڪ ننڍڙي واپاري پوسٽ طور کوڙيون، جيڪي نيٺ اڳتي وَڌيون ۽: 1768 ۾ ٿونبوري ۽ 1782 ۾ رتناڪسن ٻن راڄڌانين جي گاديءَ جو هنڌ بڻجي ويو. سيام، جيڪو پوءِ 19 هين صدي جي آخر ۾ ٿائلينڊ نالو سان تبديل ڪيو ويو، ڇاڪاڻ تہ ان ملڪ کي اولهه جي دٻاءُ کي مُنهن ڏسڻو پيو، بينڪاڪ سيام جي جديد ڪاري (ماڊرنائزيشن) جو مرڪز هيو.هي شهر 20 هين صديءَ ۾ ٿائلينڊ جي سياسي جدوجهد جو مرڪز هيو، تنهنڪري ان شهر ۾ انيڪ فوجي بغاوتون، اٽڪل بازيون ۽ ڪيترائي هلڙ هنگاما ٿيا ۽ ملڪ منجهان خودمختيار بادشاهت جو انتُ آندو ويو، ۽ آئيني حڪمراني جو بنياد وِڌو ويو.هي شهر سال 1960 کان 1980 جي ڏهاڪن دوران ڦڙتيءَ سان اڳتي وَڌيو ۽ هاڻي ٿائيلينڊ جي سياست، معيشيت، تعليم، ميڊيا ۽ جديد سماج تي نمايان اثر وجهي ٿو.

1980 ۽ 1990 جي ڏهاڪن ۾ ايشين سِيڙَپَ جي تيزيءَ سبب ڪيتريون ئي ملٽينيشنل ڪارپوريشنن بئنڪاڪ ۾ پنهنجيون علائقائي صدر دفتر ڳولها ڪرڻ تي مجبور ٿيون.هي شهر هاڻي ناڻو (فنانس) ۽ ڪاروبار جي هڪ علائقائي طاقت آهي.هي شهر اچ وڃ (ٽرانسپورٽ) ۽ صيحت جي سَارَسنڀال جي لاءِ هڪ عالمي مرڪز آهي، ۽ آرٽس، ٺٺ ٺاه (رواج، فيشن) ۽ وِندُرَ جو تفريحي مرڪز طور اڀريو آهي. هي شهر پنهنجي اسٽريٽ لائف ۽ ثقافتي نشانن سان گڏوگڏ شهر جي ڳاڙهي بازارن ۽ چڪلو ضلعن (ريڊ لائٽس ڊسٽرڪٽس) جي لاءِ پڻ سُڃاتو ويندو آهي.واٽ ارون ۽ واٽ ڦو اِسٽينڊ (اڏو) سميت گرينڊ پيلئس ۽ ٻڌمت جا مندرَ ٻيا سياحتي ماڳ جهڙوڪ کوسان روڊ ۽ پيٽپونگ جي رات واري زندگي (نائٽ لائف) منظرن جي ڀيٽ ڏسڻ وٽان آهن.بينڪاڪ دنيا جي اعليٰ سياحتي ماڳن منجهان هڪ آهي، ۽ انکي انيڪ عالمي درجابندي ۾ مستقل طور دنيا جو سڀ کان وَڌيڪ گُهمَڻ وارو شهر جو نالو ڏنو ويو آهي.

بينڪاڪ جي تيزرفتار ترقيءَ سان گڏوگڏ شهري رِٿابندي (اربن پلاننگ) ۾ پڻ گهٽتائي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ شهر جو هڪ بي ڊولو اَڏاوتي منظر ۽ اَڻَپُورو انفراسٽرڪچر جو نتيجو نڪتو آهي.هڪ ڪشادو ايڪسپريس وي نيٽ ورڪ، نجي ڪار جي گهڻي استعمال سان گڏوگڏ، اَڻَپُوري سڙڪ جي نيٽ ورڪ سبب، ڊگهو جهونو ۽ جڏو گھماؤ ڦيراءَ جي سبب ٽريفڪ اچ وڃ ۾ ڏکيائي پيش اچي ٿي، جنهنڪري 1990 جي ڏهاڪو ۾ هوا جي شديد گدلاڻ ٿي هُئي.ان مسئلي جي حل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هِن شهر ٻيهر عوامي ٽريفڪ کي مُنهن ڏنو.قومي حڪومت ۽ بينڪاڪ ميٽروپوليٽن انتظاميا جي انتظام هيٺ يا رٿابند وَڌيڪ نظامن سميت هاڻي پنج تيز ٽرانزٽ لائنز ڪم ۾ لڳل آهن

 
سترنهين صدي جو نقشو ۾ سائمن ڊي لا لوبر کان ڊو رویومي ڊي سيام ڏيکاريل آهن

بينڪاڪ جي تاريخ گهٽ ۾ گهٽ 15 هين صدي جي شروعات واري آهي، جڏهن هي ايوٿايا جي حڪمراني ۾ درياءَ چائو فرايا جي اولهندي ڪناري تي هڪ ڳوٺ هُيو.[8] دريا جي مُنهن وٽ پنهنجي اسٽريٽجڪ مقام تي هجڻ ڪري، ان ڳوٺ (قصبي) جي اهميت ۾ لاڳاتار وَاڌارو ٿيندو رهيو.بينڪاڪ شروع ۾ دريا جي ٻنهين پاسي قلعن سان لڳولڳ ٻاهرئين ڪسٽم چوڪي جو ڪم ڏيندو هيو، ۽ هي قلعي جي هڪ گهيرو جو هنڌ هيو، جتان سال 1688 ۾ فرانسيسين کي سيام کان بي دخل ڪيو ويو هيو.سال 1767 ۾ برمي سلطنت جي ايوٿايا جي زوال کانپوءِ، نو پڳدار (تاجدار) بادشاهہ تڪسن هن شهر ۾ پنهنجي راڄڌاني قائم ڪئي، جيڪو ٿونبوري مملڪت (بادشاهت) جو اڏو بڻجي ويو.سال 1782 ۾، بادشاهہ ڦوٿايوتفا چلوڪ (راما پهريون) تاڪسين جي جانشيني ڪئي، ۽ راڄڌاني کي رتناڪسين ٻيٽ جي اوڀرندي ڪناري ۾ منتقل ڪري ڇڏيائين، اهڙِيءَ طرح رتناڪسين بادشاهر جو قيام عمل ۾ آيو.شهر جا ٿنڀ 21 اپريل 1782 تي اڏاوت ڪيا ويا، جِن کي اڄڪلهہ واري شهر جو بڻياد رکڻ جي تاريخ سمجيو ويندو آهي.[9]

بينڪاڪ جي معيشت آهستي آهستي بين الاقوامي واپار جي ذريعي پکڙجي وئي، پهريون چين سان، پوءِ مغربي واپارين اوڻوينهين صدي جي شروع جي وچ ۾ واپسي ڪئي.راڄڌاني جي حيثيت سان، بينڪاڪ سيام جي جديد ڪاري (ماڊرنائزيشن) جو مرڪز هيو، تنهنڪري اڻوينهين صدي جي آخر ۾ مغربي طاقتن جي دٻاءُ کي مُنهن ڏسڻو پيو.ڪنگ مونگڪوٽ (راما چوٿون، 1851–68) ۽ چولا لونگڪورن (راما پنجون، 1868–1910) جي دور ۾ شهر ۾ ٻاڦ انجڻ، ڇپائي گهر (پرنٽنگ پريس)، ريل ٽرانسپورٽ ۽ عام واهپو واري سهوليتن جو بڻيادي ڍانچو (انفراسٽرڪچر) متعارف ڪرايو ويو، انهيءَ ريت باقائدي تعليم ۽ صيحت جي سَارَسَنڀال پڻ ٿي. بينڪاڪ فوج ۽ سياسي اشرافيا جي وچ۾ راڄُ (حڪمراني) جي جدوجهد جو مرڪز بڻجي ويو، ڇاڪاڻ تہ ان ملڪ 1932 ۾ خودمختيار بادشاهت جو انتُ آڻيو هيو.

 
1822 ۾ برطانوي سفارتڪار جان ڪرفورڊ جي سفارت خاني کان شهر جي نقاشي

ٻين مهاڀاري جنگ ۾ جاپان سان گڏ ناتو ڳنڍيندڙ هئڻ ڪري، ان شهر کي اتحادي فوج بمباري جو نشانو بڻايو ويو هيو، پر آمريڪي مالي سهائتا (امداد) ۽ حڪومت جي بندوبست هيٺ سرمائيڪاري جي نتيجي ۾ جنگ کانپوءِ جي دور ۾ ان شهر جي ترقي ۾ تيزيءَ سان واڌارو ٿيو.بينڪاڪ آمريڪي ملٽري آر اينڊ آر جو ٺڪاڻو هئڻ ڪري هن شهر جي سيرسپاٽي (سياحت) جي صنعت کي اُڀاريو ۽ گڏوگڏ انکي جنسي سياحت (سيڪس ٽوئرزم) جي مضبوط ٺڪاڻو طور قائم ڪيو.اڻ برابر شهري ترقي جي ڪري آمدني ۾ اڻ برابري ۽ ٻهراڙي علائقن کان بنڪاڪ ڏانهن لڏپلاڻ ٿي. ان جي آبادي 1960 جي ڏهاڪو ۾ هِڪ ڏهائي اَٺ (1.8 ملين) کان وَڌي ٽي ملين ٿي وئي.

1973 ۾ ويٽنام وٽان آمريڪي فوج جي واپسي کانپوءِ، جاپاني ڪاروباري ادارن سرمائيڪاري ۾ سرواڻَ جي حيثيت سان سيڙپ سنڀالي، ۽ مال ملڪ کان ٻاهر موڪلڻ واري مينوفيڪچرنگ جو واڌارو ٿيڻ جي نتيجي ۾ بينڪاڪ ۾ مالياتي پِڙي (منڊي، يا فنانشل مارڪيٽ) ۾ واڌارو ٿيو.[10] هِن شهر جو تيزيءَ سان اُسرڻ سال 1980 ۽ 1990 جي ڏهاڪن تائين جاري رهيو، جيستائين سال 1997 جي ايشيئن مالي  گهوٽالو جي سبب هي گهوٽالو (بُحرانُ) جو شڪار رهيو.تيسيتائين، انيڪ عوامي ۽ سماجي مسئلا سامُهون اچي چُڪا هيا، انهن منجهان شهر جي بدنام زمانو ٽريفڪ جامَ کان بڻيادي ڍانچو (انفراسٽرڪچر) تي دٻاءُ پوندو رهيو.مُلڪ ۾ عوامي مظاهرن، سال 1973 ۽ 1976 ۾ شاگردن جون بغاوتون، سال 1992 ۾ فوج مخالف مظاهرا ۽ سال 2008 کان مخالف گروپن وسيلي حڪومت مخالف ڪامياب مظاهرن ۾ ملڪ جي سياسي مرحلي طور بينڪاڪ جي ڪردار کي ڏسي سگهجي ٿو.

شهر جي انتظاميا کي پهرئين باقاعدي طور ڪنگ چولالونگ ڪورن سال 1906 ۾ شروع ڪيو هُيو، ان سميت مونٿان ڪرونگ ٿيپ ڦرا مها نکون کي قومي اندروني ورهاست (سب ڊويزن) بڻايو ويو هيو.1915 ۾ مونٿان کي ڪيترن ئي صوبن ۾ ورهايو ويو،  انکانپوءِ ان جون انتظامي حدون اڃا وڌيڪ تبديل ٿي ويون.هِن شهر جي هاڻوڪي شڪل سال 1972 ۾ بينڪاڪ ميٽروپوليٽن ايڊمنسٽريشن (بي ايم اي) جي ٺهڻ سان پيدا ٿي هُئي، هي گُذريل سال دوران چائو فرايا دريا ۽ ٿونبوري صوبي جي اڀرندي ڪناري تي صوبو فرا نکون جي ميلاپ کانپوءِ ٿيو.[9]


جاگرافي

سنواريو

آب هوا

سنواريو

شهر جو ڏيکُ

سنواريو
 
چاو فرايا درياهه جو نظارو جڏهن اهو بنگ کو لايم ۽ کولونگ سان ضلعن وٽان گُذري ٿو
 
دوسيت ڊسٽرڪٽ ۾ رائل پلازا بادشاهہ چوللانگ ڪارن جي يورپ ڏانهن گُهمڻ وڃڻ کان متاثر ٿيل.


 
بينڪاڪ جي ٽئين ڊگهي عمارت، سکوموميت علائقي بائيوڪ ٽاور ٻيون وٽان سامونڊري اونچائي کان مٿي ظاهر ٿئي ٿي.


رتچادامري جا اسڪاءِ اسڪريپرز ۽ سکومويت، رات ۾ سي لوم - ساٿون ڪاروباري ضلعي کان لومفيني پارڪ جي پار ڏسي سگهجي ٿو.

مردم نگاري (ڊيموگرافي)

سنواريو

سيرسپاٽو (ٽوئرزم)

سنواريو
Among Bangkok's well-known sights
 
گريند محل
 
دي وشال سوئنگ
 
واٽ ارون

راندروند

سنواريو

ٽرانسپورٽ

سنواريو

صحت ۽ تعليم

سنواريو

عالمي لاڳاپا

سنواريو

ببلوگرافي

سنواريو


وڌيڪ پڙهڻ

سنواريو


ٻاهِريان ڳنڍڻا

سنواريو
  1. 1.0 1.1 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named BMA geo
  2. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Tangchonlatip
  3. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Sinsakul
  4. "Table 1 Population by sex, household by type of household, changwat and area". The 2010 Population and Housing Census: Whole Kingdom. National Statistical Office. 2012. http://popcensus.nso.go.th/report/WholeKingdom_T.pdf. Retrieved 5 January 2019. 
  5. "Bangkok". British and World English Dictionary. Oxford Dictionaries. حاصل ڪيل 4 August 2017. 
  6. 6.0 6.1 "Definition of "Bangkok"". Collins English Dictionary (online). HarperCollins. حاصل ڪيل 26 March 2014. 
  7. "Bangkok". US English Dictionary. Oxford Dictionaries. حاصل ڪيل 4 August 2017. 
  8. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Tipawan
  9. 9.0 9.1 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named 200 years
  10. Baker & Pongpaichit 2005, pp. 37–41, 45, 52–71, 149–150, 162, 199–204.