بوگوٽا گڏجاڻي يا بوگوٽا ڪانفرنس (Bogota Conference) اپريل کان مئي 1948ع ۾ ڪولمبيا جي گاديءَ واري هنڌ بوگوٽا ۾ ٿي، اِن جو مقصد اتر آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن جي وچ ۾ امن برقرار رکڻ، علائقي جي مسئلن جو پُرامن حل ڳولڻ ۽ ڪنھن بہ اڳرائيءَ کي گڏجي منھن ڏيڻ هو. ان کان سواءِ اقتصادي ۽ سماجي مسئلن ۾ هڪ ٻئي هٿ ونڊائڻ پڻ هن ڪانفرنس جو مقصد هو. اِن ڪانفرنس ۾ آمريڪي رياستن جي تنظيم (OAS) جو بنياد پڻ رکيو ويو.[1]

حوالا سنواريو