بلقان (Balkans)،[1] جزوي طور تي بلقان جزيري نما سان لاڳاپيل، ڏکڻ اوڀر يورپ ۾ مختلف جاگرافيائي ۽ تاريخي وصفن سان گڏ هڪ جاگرافيائي علائقو آهي.[2][3][4] علائقي جو نالو بلقان جبلن تان پيو، جيڪو سڄي بلغاريا ۾ پکڙيل آهي.[5] بلقان جزيري نما اتر۔اولهه ۾ ايڊرياٽڪ سمنڊ، ڏکڻ۔اولهه ۾ آئيونين سمنڊ، ڏکڻ ۾ ايجين سمنڊ، اوڀر ۾ ترڪي جي سامونڊي پٽي ۽ اتر اوڀر ۾ اسود سمنڊ سان لڳل آهي. جزيري نما جي اتر واري سرحد مختلف طرح سان بيان ڪئي وئي آهي.[6] بلقان جو بلند ترين نقطو، 2,925 ميٽر (9,596 فوٽ)، بلغاريا ۾ ريلا جبلن جي حد ۾، موسالا آهي.

بلقان
The Balkan region according to Prof. R. J. Crampton
بلقان جو جاگرافيائي نقشو
جاگرافي
جڳھ ڏکڻ اوڀر يورپ
مٿاھون علائقو 2,925 m (9,596 ft)
مٿاھين چوٽي موسالا، بلغاريا
انتظاميا
_خالي_

بلقان جزيره نما جو تصور 1808ع ۾ جرمن جاگرافيدان آگسٽ زيون (August Zeune) ٺاهيو هو،[7] جنهن غلطيءَ سان بلقان جبلن کي ڏکڻ اوڀر يورپ جو غالب جبلن جو نظام سمجهيو هو، جيڪو ايڊرياٽڪ سمنڊ کان ڪاري سمنڊ تائين ڦهليل هو. بلقان جزيري نما لفظ 19ھین صدي ۾ روميليا جو مترادف هو، يورپ جا اهي حصا جيڪي ان وقت عثماني سلطنت جا صوبا هئا. اھا ان جي جغرافيائي تعريف جي بجاءِ جيو پوليٽيڪل تعریف هئي، جيڪا 20ھین صدي جي شروعات ۾ يوگوسلاويا جي بادشاهت جي قيام دوران وڌيڪ ترقي ڪئي وئي. بلقان جزيري نما جي قدرتي سرحدن جي وصف هڪ جزيري نما جي فني وصف سان ٺهڪندڙ نه آهي؛ ان ڪري جديد جاگرافيدان بلقان جزيري نما جي نظريي کي رد ڪن ٿا، جڏهن ته تاريخي عالم اڪثر ڪري بلقان کي هڪ خطي طور بحث ڪن ٿا. اصطلاح بالڪنائيزيشن جي عمل سان لاڳاپيل هڪ بدنامي ۽ بيزاري معنيٰ حاصل ڪري چڪو آهي.[8] [9] علائقي لاءِ استعمال ٿيل متبادل اصطلاح ڏکڻ اوڀر يورپ آهي.

بلقان جون سرحدون، ڪيترن ئي متضاد وصفن جي ڪري، تڪراري آهن. علائقي جي اجزاء تي ڪو عالمگير معاهدو موجود ناهي. سڀ کان وڌيڪ وصفن سان اصطلاح مڪمل طور تي بوسنيا ۽ هرزيگوينا، بلغاريا، البانيا، يونان، ڪوسوو، مونٽينيگرو، اتر مقدونيه، يورپي ترڪي، رومانيا جو ساحل، اڪثر سربيا ۽ ڪروشيا جا وڏا حصا شامل آهن. ڪڏهن ڪڏهن اصطلاح ۾ رومانيا پڻ شامل آهي، سلووينيا جو ڏاکڻيون حصو ۽ اٽلي، جيتوڻيڪ ڪجھ وصفن موجب ان جي علائقي جو ننڍڙو حصو (ٽريسٽ جو صوبو) جزيري نما تي، عام طور تي خارج ٿيل آهي.

حدون ۽ تعريفون

سنواريو

فطرت ۽ قدرتي وسيلا

سنواريو

تاريخ ۽ جاگرافيائي اهميت

سنواريو

سياست ۽ معيشت

سنواريو

شماريات

سنواريو

آباديات

سنواريو

ٽائم زون

سنواريو

پڻ ڏسو

سنواريو

خارجي لنڪس

سنواريو

سانچو:Balkan Countries سانچو:Countries of Europe سانچو:Europe topics (small) سانچو:Music of Southeastern Europe (the Balkans) سانچو:Regions of the world

  1. سانچو:Cite LPD
  2. Gray, Colin S.; Sloan, Geoffrey (2014). Geopolitics, Geography and Strategy. Routledge. ISBN 9781135265021. https://books.google.com/books?id=7BakAgAAQBAJ&pg=PA116. Retrieved 10 November 2014. 
  3. "Balkans". Encyclopædia Britannica. حاصل ڪيل 2017-12-13. 
  4. Richard T. Schaefer (2008). Encyclopedia of Race, Ethnicity, and Society. Sage. p. 129. ISBN 978-1-4129-2694-2. https://books.google.com/books?id=YMUola6pDnkC&pg=PT181. 
  5. Niktalab, Poopak (2024) (fa ۾). Over the Alps: History of Children and Youth Literature in Europe (1st ed.). Tehran, Iran: Faradid Publisher. pp. 6. ISBN 9786225740457. 
  6. Alexander Vezenkov (2017). "Entangled Geographies of the Balkans: The Boundaries of the Region and the Limits of the Discipline". in Roumen Dontchev Daskalov, Tchavdar Marinov. Entangled Histories of the Balkans – Volume Four: Concepts, Approaches, and (Self-) Representations. Brill. pp. 115–256. ISBN 978-90-04-33782-4. https://books.google.com/books?id=R3cEDgAAQBAJ&pg=PA141. 
  7. Olga M. Tomic (2006). Balkan Sprachbund Morpho-Syntactic Features. Springer Science & Business Media. p. 35. ISBN 978-1-4020-4488-5. https://books.google.com/books?id=MFWOYUHULgsC&pg=PA35. 
  8. Alexander Vezenkov (2017). "Entangled Geographies of the Balkans: The Boundaries of the Region and the Limits of the Discipline". in Roumen Dontchev Daskalov, Tchavdar Marinov. Entangled Histories of the Balkans – Volume Four: Concepts, Approaches, and (Self-) Representations. Brill. pp. 115–256. ISBN 978-90-04-33782-4. https://books.google.com/books?id=R3cEDgAAQBAJ&pg=PA141. 
  9. Robert Bideleux; Ian Jeffries (2007). The Balkans: A Post-Communist History. Routledge. pp. 1–3. ISBN 978-1-134-58328-7. https://archive.org/details/balkanspostcommu0000bide.