بدو (واحد) يا بدوي (جمع)انگريزي ٻولي: Bedouin عربستان جو ڳوٺاڻو، بدوي، صحرانشين. شاهه لطيف پنهنجي ڪلام ۾، ٿر وارن سانگين يا ٿرن بر ۾ رهندڙ ۽ پاڻيءَ ۽ گاهه جي تلاش ۾ مال ڪاهي هلندڙ مارن پنهوارن جي رهڻي ڪهڻي، عرب جي بدوين جهڙي ڏسي، انهن کي استعاري طور بر جا بدوي ڪري ڄاڻايو آهي[16]. بدوي عربستان جي رڻپٽ يا بيابان جا رھاڪو آھن جيڪي روايتي طور تي خانه بدوشي واري زندگي گذاريندا آهن[17].

1904 ۾ يروشلم ۾ بدوي قبيلي جي شادي جو ميڙاڪو
ڪل آبادي
4,000,000[1]–25,000,000[2]
نمايان آبادي وارا علائقا
 شام 1,800,000[3]
 سعودي عرب 635,000 (1978)[4]
 اردن 380,000 (2007)[5]
 مصر 50,000 (2003)[6]–380,000 (2007)[7]
 اسرائيل 250,000 (2012)[8]
 الجزائر 230,000[9]
 عراق 100,000[10]
 فلسطين جي رياست 30,000[11]
ٻوليون

عربي ٻولي جا لھجا : (بدويحسني حجازي بدوي نجديعماني )

مذھبَ

اڪثريت جو اسلام
اقليت جو عيسائيت [12][13] [14][15]

لاڳاپيل نسلي گروھ

ٻيا عرب

لفظ جي معني سنواريو

لفظ بدوي عربي ٻولي جو لفظ آهي جيڪو بداء لفظ مان نڪتل آهي جنھن جي معنيَ آهي ميدان. بداء مان لفظ بديا ٺھيو جنھن جي معني آهي رڻپٽ. رڻپٽ يا بيابان کليل ميدان سمجھيا ويندا آهن[17]. عربن ۾ بدو لفظ شھري ۽ مھذب ماڻھو جو ابتڙ سمجھيو ويندو آھي[17].

بدوي معاشرو سنواريو

 
مصر جي ھڪ بدوي ڇوڪري

تاريخي طور تي ھي ماڻھو عربستان (عربي اپٻيٽ)، شام، اردن، اسرائيل، فلسطين، عراق، مصر، اتر آفريڪا ۽ ان سان لڳندڙ سرحدي علائقن ۽ وچ ايشيا جي رڻپٽن جا رھاڪو رھيا آھن. انھن ملڪن ۾ شھرن ۾ غيرمھذب طريقي سان رھندڙ ماڻھن کي پڻ بدو سڏيو ويندو آهي[17]. بدوين جي سڃاڻپ انھن جي شديد قبائلي خصلتن جي ھجڻ ڪري ٿيندي آهي جن ۾ قبائلي مان ۽ شان، مساوات، سخاوت، جرئت، شاعرانه مزاج شامل آهن[17]. وچولي دؤر جي مسلمان عالمن جو خيال هو تہ قرآن جي خالص عربي قريش قبيلن جي بدوي لھجي جي ويجھو ھئي پر جديد دؤر جي مسلمان عالمن جو خيال آهي تہ اھا ان دؤر جي عام شاعراڻي ٻولي ھئي جيڪا عربستان جي اولهندي پاسي مروج ھئي[17]. بدوين جو گذر معاش چوپايو مال پالڻ ۽ چارڻ آهي تنھن ڪري اھي موسم جي حساب سان چاري ء پاڻي واري علائقن ۾ لڏيندا رھندا آھن، ۽ موسمي خانه بدوشي انھن جي زندگيءَ جو حصو ۽ سڃاڻپ ٿي چڪي آهي. اھي ان جي ڪري خيمن ۾ رھندا آھن[17].

 
1964 ۾ نڪتل رياض جي ھڪ بدو جي تصوير

سعودي عرب ۽ اردن ۾ فوج ۾ ڀرتي بدوين مان ڪئي وڃي ٿي[17]. عرب جا سامي نسل اُٺ پاليندڙ خانه بدوش ماڻهو ’بَدُو‘ سڏبا آهن[16]. سندن مذهب اسلام آهي. پنهنجي مڪاني روايتن ۽ رسمن جي ڏاڍي پابندي ڪندا آهن. مهمان نواز ۽ انصاف پسند آهن[16]. ننڍن ننڍن قبيلن ۾ منظم آهن. 20 صديءَ ۾ سنڌ جا ماڻهو حج ڪرڻ لاءِ پيادا ويندا هئا ته عربستان جي حدن ۾ ”بدو“ لوڪ سندن سامان سڙو ڦري وٺندا هئا، پر جيئن ته اهي ”بدو“ ڀلي پار جا يعني سڳوري سر زمين جا هئا، تنهنڪري سنڌي ماڻهو انهن لٽيرن کي به ادب ۽ حب وچان ”بَدو سڳورا“ چوندا هئا[16]. بَدُو، جهالت واري دؤر ۾ عرب جو سڀ کان بد تهذيب قبيلو هو. مسلمان ٿيڻ کان پوءِ هيءُ قبيلو پنهنجون ڪيتريون ئي روايتي رسمون جاري رکندو اچي[16]. بَدو گهڻو ڪري وارياسن علائقن ۾ رهندا آهن ۽ سندن رهائش خيمن ۾ هوندي آهي[16].

 
بدوي مائر ٻارن کي ڪلھي تي کڻي ھلندي ڏيکايل. ڦوٽو اوڻويھين صدي ۾ ھڪ فرينچ فوٽوگرافر جو ورتل

وڌيڪ ڏسو سنواريو

حوالا سنواريو

  1. Losleben, Elizabeth (2003). The Bedouin of the Middle East. Lerner Publications. pp. 4–5. ISBN 978-0-8225-0663-8. https://archive.org/details/bedouinofmiddle00eliz. Retrieved 1 November 2012. 
  2. Suwaed, Muhammad (2015). Historical Dictionary of the Bedouins. Rowman & Littlefield. p. 7. https://books.google.com.kw/books?redir_esc=y&hl=ar&id=P8yhCgAAQBAJ&q=25+million#v=snippet&q=25%20million&f=false. Retrieved 23 February 2019. 
  3. 1, 2. "بدو سوريا يدخلون المعركة بعد تهميش طويل". eremnews. 
  4. Peter Hobday (1978). Saudi Arabia Today: An Introduction to the Richest Oil Power. Springer. p. 102. ISBN 9781349032143. https://books.google.com/books?id=NEywCwAAQBAJ&pg=PA102. 
  5. "Social characteristics for Badia". The Hashemite Fund for Development of Jordan Badia. حاصل ڪيل 8 April 2016. 
  6. Fouad N. Ibrahim, Barbara Ibrahim (2003). Egypt: An Economic Geography. I.B.Tauris. p. 28. ISBN 9781860645488. https://books.google.com/books?id=rdyv_lA95aUC&pg=PA28. 
  7. Morrow, Adam. "Bedouin Take on the Govt". انٽر پريس سروس. حاصل ڪيل 19 October 2015. 
  8. Sales, Ben. "Despite hardships, some Bedouins still feel obligation to serve Israel". حاصل ڪيل 19 October 2015. 
  9. Algeria-Watch. "Selon le dernier recensement: L'Algérie compte 34,8 millions d'habitants". حاصل ڪيل 19 October 2015. 
  10. Geoff Hann, Karen Dabrowska, Tina Townsend-Greaves (2015). Iraq: The ancient sites and Iraqi Kurdistan. Bradt Travel Guides. p. 54. ISBN 9781841624884. https://books.google.com/books?id=-9RNCgAAQBAJ&pg=PA54. 
  11. Naylor, Hugh. "Israel plans to move West Bank Bedouin". دي نيشنل نيوزپيپر. http://www.thenational.ae/news/world/middle-east/israel-plans-to-move-west-bank-bedouin. Retrieved 19 October 2015. 
  12. https://www.loc.gov/item/mpc2004003580/PP/
  13. http://www.mariamhotel.com/family.html
  14. https://www.encyclopedia.com/social-sciences-and-law/anthropology-and-archaeology/people/bedouin
  15. https://commons.wikimedia.org/wiki/File:Jordanian_Bedouin_Christians_1904_2.jpg
  16. 16.0 16.1 16.2 16.3 16.4 16.5 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد. -
  17. 17.0 17.1 17.2 17.3 17.4 17.5 17.6 17.7 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 98,99