بدرالدين ”بدر“ ولد اميربخش ”امير“ قريشي 12 اپريل 1941ع تي جيڪب آباد ۾ ڄائو.

ملازمتون

سنواريو

پنهنجي والد جي نوڪريءَ سانگي ڪراچيءَ ۾ اچي رهيو. تعليم انٽر آرٽس هئس. ڪجهه وقت هڪ غيرسرڪاري دوائن جي ڪمپنيءَ ۾ ملازمت ڪيائين. ڪجهه عرصو انگريزيءَ ۾ صحافت به ڪيائين.

ادبي خدمتون

سنواريو

بدقسمتيءَ سان ڦوهه جوانيءَ ۾ هڪ روڊ حادثي کانپوءِ باقي سڄي حياتي بستري تي معذوريءَ حالت ۾ گذاريائين. سندس بسترو هڪ دريءَ جي ڀرسان رکيل هوندو هو، جيڪا هڪ اهڙي باغ ڏانهن کلندي هئي، جنهن ۾ ٻار راند روند ڪندا هئا. بس، زندگيءَ جو سڄو اتساهه اتان وٺندو هو ۽ ڏاڍي خوبصورت شاعري ڪندو هو. ڪڏهن به مايوس نه ٿيو ۽ نه وري چهري تي رنج جي ريکا آيس. بدر قريشيءَ کي علم ۽ ادب سان تمام گهڻو شوق هو. نظم خواهه نثر ۾ مسلسل لکندو رهيو. سال 1950ع ۾ پهريائين ”سرشار“ عقيليءَ ۽ بعد ۾ پنهنجي والد بزرگوار ”امير قريشيءَ“ وٽان شعر سخن جي سکيا ۽ اصلاح حاصل ڪيائين. سنڌي زبان کان سواءِ اردوءَ ۾ به آسانيءَ سان شعر جوڙيندو هو. معذوريءَ واري حالت ۾ به سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جو سرگرم ميمبر رهيو، سندس معذوريءَ سبب ڪاروباري ڪاميٽيءَ جون سڀ گڏجاڻيون، سندس گهر تي ٿينديون هيون. سندس سنڌي شاعريءَ جو مجموعو قلمي صورت ۾ موجود آهي.

سندس عمر گهڻي ڪانه ٿي ۽ پاڻ 17 يا 18 سالن جي تڪليف ده حياتيءَ کان پوءِ 30 جنوري 1990ع تي وفات ڪري ويو. کيس طارق روڊ ڪراچي وٽ واقع پِي. اِي. سي. ايڇ ايس قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ جي حوالي ڪيو ويو.[1]