شاعر بدر شاھ جو اصل نالو بدرالدين شاهه آهي؛ هن 15 نومبر 1965ع تي ڳوٺ وڪيي سانگي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.[1]

تعليم سنواريو

تعليم ايم. اي معاشيات اٿس.[1]

ادبي خدمتون سنواريو

1991ع کان شاعريءَ جي شروعات ڪيائين، شاعريءَ ۾ مشهور شاعر آثم ناٿن شاهي سندس اُستاد آهي. غزل، نظم ۽ وايون سٺيون لکندو آهي، جڏهن تہ هن هائيڪا ۽ ترائيل بہ لکيا آهن. هو پاڻ بہ اسڪول ۾ اُستاد آهي. سندس شاعريءَ جو مجموعو تيار آهي.[1]

حوالا سنواريو