پھلواڻ لفظ سنڌي ناھي سنواريو

ھيٺ ڏنل ڳالھ ٻولھ (بحث) بند ڪئي وئي آھي. ۽ جلد ئي آرڪائيز (وثق) ۾ تبديل ڪئي ويندي.۔

@JogiAsad: ادا توھان مطابق پھلوان جو درست سنڌي لفظ پھلواڻ آھي جڏھن تہ جامع سنڌي لغات ۾ پھلوان لفظ تہ آھي پر پھلواڻ نظر ڪونہ ٿو اچي. توھان کي درخواست آھي تہ مضمون چورڻ جو ڪو واضع دليل پيش ڪريو. مھرباني.--مھتاب احمد (ڳالھ) 06:58, 10 آڪٽوبر 2019 (UTC)

(@مھتاب احمد:)پھلوان اردو ۾ چون ٿا، جيڪو اصل فارسي ٻولي تان ورتل آھي، سنڌي ۾ ان کي پھلواڻ لکيو ۽ پڙھيو وڃي ٿو، سنڌي ۾ پھلوان چوڻ ئي ڏکيو آھي. جامع سنڌي لغات يا سنڌي ٻولي اٿارٽي جي آن لائن لغت ۾ پھلوان لکيل آھي جيڪو اُچار ئي غلط آھي، سنڌي ۾ ان کي پھلواڻ اُچاريو ويندو آھي. ھيٺ ڪجھ حوالا موڪليان ٿو ان ۾ پھلواڻ لکي ڳولھا ڪجو.

وڌيڪ جيئن اوھان جي صلاح ھجي تہ پھلوان کي پھلواڻ لکجي يا پھلوان. ڻ بدران ن وارو اُچار مونکي ڪنھن بہ ريت سنڌي اُچار نٿو لڳي. سنڌي ۾ پھلوان کي ن بدران ڻ ڏئي اُچاريو وڃي ٿو، ڇوتہ ڻ جي ڀيٽ ۾ ن سان اُچارڻ ۾ اھو ڏکيو آھي. عام ماڻھو جڏھن ملھ بابت ڳالھ ٻولھ ڪن ٿا تہ اھي پھلوان نٿا اُچارين پر پھلواڻ اُچارين ٿا. جيئن تہ مٿي ٻُڌايو ويو آھي تہ پھلوان فارسي ٻولي منجھان ورتل آھي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڌارئين لفظن کي پنھنجو ڪرڻ جو ڏانءُ ۽ ڪشادگي آھي تنھنڪري اھو پھلوان بدران پھلواڻ چيو وڃي ٿو. ساڳئي ريت جڏھن ڪراچي ۾ پھلوان ڳوٺ کي اردو ۾ تہ انھيءَ ساڳئي اُچار سان چئي سگھجي ٿو پر سنڌي ۾ اھو پھلواڻ ڳوٺ ٿيندو.

پھلواڻ (ريسلر Wrestler) ھڪ اھڙي ماڻھو کي چئبو آھي جيڪو ملھ (ملاکڙو يا ڪُشتي Wrestling) وڙھندو آھي.


  1. [1]
  2. [2]
  3. ھن ناول موھن جو دڙو ۾ پھلواڻ لفظ ڪم آندو ويو آھي، وڌيڪ حوالا گوگل ڳولھا ۾ پھلواڻ لکو تہ ملي ويندا. اميد تہ اھي ڏنل حوالا ڪارائتا ثابت ٿيندا.[3] مھربانيون

جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 12:52, 10 آڪٽوبر 2019 (UTC)

... سنڌي ۾ لفظ پهلواڻ نه پر پهلوان استعمال ٿيندو آهي جيڪو ملھ پهلوان لاءِ به ڪم ايندو آهي ته سگهاري ماڻهو لاءِ به ڪم ايندو آهي. پهلواڻ ڪن علائقن ۾ استعمال ۾ هجي به صحيح پر اهو غير معياري لهجي ۾ شمار ٽينڊو. سنڌي ٻوليءَ جي ڪنهن به لغت ۾ لفظ پهلواڻ نه ملندو ڇاڪاڻ ته اهو لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ آهي ئي ڪونه. اردو ٻولي ۾ به پهلواڻ مروج ناهي. البته پنجابي يا سرائيڪي ۾ هجي سو به سنڌيءَ لاءِ قابل قبول نه هوندو.. --عزيز ڪنگراڻي (ڳالھ)' 18:25, 10 آڪٽوبر 2019 (UTC)

مٿئين ڳالھ ٻولھ (بحث) جي نتيجي طور پھلواڻ ڳوٺ کي پھلواڻ ڳوٺ، عنوان ڏانھن چوريو ويو آھي. جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 13:05, 11 آڪٽوبر 2019 (UTC)
  1. "Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2019-10-10. 
  2. zasolangi. "محبت ديرو : لياقت علي ملاح به پ پ ڇڏي اين پي پي ۾ شامل". Indus News (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2019-10-10. 
  3. "موهن جو دڙو (علي بابا) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com. حاصل ڪيل 2019-10-10. 
صفحي "پھلوان ڳوٺ" ڏانھن واپس ٿيو.