بحث:بشير احمد شاد

بشير احمد شاد مضمون وڪيپيڊيا معروفيت موجب پورو نٿو لھي سنواريو

ھيٺ ڏنل ڳالھ ٻولھ (بحث) بند ڪئي وئي آھي. ۽ جلد ئي آرڪائيز (وثق) ۾ تبديل ڪئي ويندي.۔


ادا @Aziz Kingrani:، ھن ماڻھو بابت ڪوبہ معتبر حوالو ناھي ملي سگھيو تہ اھو ڪيئن وڪيپيڊيا معروفيت مطابق اھل آھي. سواءِ ھڪ حوالو جيڪو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جو آھي سا بہ پاڻ ھڪ انسائيڪلوپيڊيا آھي. بشير شاد بابت ڪنھن بہ اخبار، سرڪاري تنظيمي ويب سائيٽ تان اھڙو ڪوبہ معتبر حوالو ناھي ڏنو ويو جنھن ۾ سندس سنواح بابت ذڪر ملي يا سندس ڄم جي تاريخ، ڪٿان پڙھيو، ڪھڙن عھدن تي ڪم ڪيو اٿـائين انھن بابت ڪا ثابتي ملي. جنھنڪري ھي مضمون وڪيپيڊيا معروفيت جي معيار تي پورو نٿو لھي، ان جي وڪيپيڊيا معروفيت موجب وڌيڪ حوالا شامل ڪري معروفيت ثابت ڪريو. جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 09:22, 11 آڪٽوبر 2019 (UTC)

جناب انساڪلوپيڊيا سنڌيانا سنڌ جي اهم اداري سنڌي لينگويج اٿارٽي جي طرفان اشاعت هيٺ آهي جيڪو اخبارن کان به وڌيڪ معتبر حوالو سمجهيو وڃي ٿو. ٻيو ته سنڌي ٻولي جي اخبارن کان واقف آهيو ته آهي ادبي توڙي تاريخي اثاثن بابت ڪيترو لکڻ ٿيون؟ ٽيون ته اسان وڪيپيڊيا تي والنٽري ڪم ڪيون پيا جنهن به شخصيت يا تاريخي ماڳ بابت جيڪو به حوالو ملي ٿو سو شامل ڪيون ٿا. مضمون لکڻ ڇڏيا ويندا ته لکندا سين نه ته نه ئي لکيا ويندا. رهي ڳالھ ته بشير احمد شاد هڪ معروف شاعر آهي ۽ سڄي سنڌ کيس سڃاڻي ٿي. وڌيڪ جيئن حوالا ملندا تيئن شامل ڪيا ويندا. --عزيز ڪنگراڻي (ڳالھ)' 10:45, 11 آڪٽوبر 2019 (UTC)
بشير احمد شاد بابت سنڌالاجي جو حوالو به درج آهي جيڪو خود سنڌ جو معتبر حوالو ۽ ادارو آهي.... --عزيز ڪنگراڻي (ڳالھ)' 10:51, 11 آڪٽوبر 2019 (UTC)
ٺيڪ آ سائين انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا معتبر حولي طور مڃي سگھجي ٿو، پر جڏھن اخبارن، ڪتابن ۾ لاڳاپـيل ماڻھو بابت سنواح بابت حوالا ملي سگھن تہ پوءِ اھي حوالا مضمون ۾ ڪيا وڃن تہ جيئن مواد جي ثابتي يا تصديق ٿي سگھي. حوالا سُڌاريو وارو سانچو مضمون مان ھٽايو ويو آھي. مھربانيونجوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 12:38, 11 آڪٽوبر 2019 (UTC)
ڊاڪٽر بشير احمد شاد نامور شاعرآهي. سندھيانا ھڪ معتبر حوالو آهي.--محمد عارف سومرو (ڳالھ) 12:45, 11 آڪٽوبر 2019 (UTC)
@JogiAsad: صاحب توھان کي خبر آھي تہ سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو ۽ ثقافت کاتو يا ٻيا ادارا، سنڌي ٻولي جي ترويج لاءِ خاطر خواھ ڪم نٿا ڪن جنھن سبب سنڌ سان لاڳاپيل ڪيتريون ئي شيون لکجي ئي نہ سگھيون آھن. جنھن جو مقصد اھو ٿيو تہ انھن جو حوالا ڏيڻ مھال آھي. پر اھو نٿو چئي سگھجي تہ اھي شيون معروف ناھن. ان ڳالھ جو وڏو ثبوت سرمد سنڌي جو انگريزي وڪيپيڊيا تي مضمون نہ ھجڻ آھي. ان لاءِ گذارش ڪجي ٿي تہ حوالن جي گھر ڪندڙ ٽيگ اڄ کانپوءِ مضمونن ۾ نہ لڳايا وڃن. ايئن ڪرڻ سان واپرائيندڙن کي مايوسي ٿئي ٿي. اميد ڪريان ٿو تہ اڄ کانپوءِ انھن ڳالھين جو خيال رکندا نہ تہ ٻي صورت ۾ سنڌي وڪيپيڊيا تي ڪوبہ شخص ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نہ ھوندو. اميد تہ تعاون ڪندا. مھرباني.--مھتاب احمد (ڳالھ) 13:13, 11 آڪٽوبر 2019 (UTC)
مھتاب احمد، توھان بلڪل درست ٿا چئو تہ سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو، سنڌ ثقافت ۽ قديم آثار کاتو ۽ ٻيا ادارا سنڌ جي معروف ماڻھن، ماڳن، تاريخ وغيرھ بابت خاطرخواھ ڪم نٿا ڪن، جنھنڪري پاڻ کي وڪيپيڊيا تي انھن ماڳن، ماڻھن ۽ تاريخ جي حوالي سان ڪي معتبر Reliable حوالا (ريفرنسز) ئي نٿا ملن. انھن مڙني لاڳاپيل ادارن کي کپي تہ ان حوالي سان ڪا رٿا يا ويب سائيٽ آڻين، جنھن ۾ سنڌ جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل مڙني مشھور ماڻھن بابت سنواح (بايوگرافي)، ماڳن بابت ڄاڻ رکن تہ جيئن وڪيپيڊيا لاءِ حوالا ملي سگھن. ان حوالي سان لاڳاپيل سرڪاري ادارن سميت سنڌي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي مالڪن کي پڻ ڪوششون وٺڻ لاءِ چيو ويندو. مھربانيون جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 13:36, 11 آڪٽوبر 2019 (UTC)
صفحي "بشير احمد شاد" ڏانھن واپس ٿيو.