باھ
باھه (Fire) آڪسيجن جي مدد سان شين جي اخراجي گرمي يا ان جي اثر مان پيدا ٿيندڙ ٻرڻ جو ھڪ ڪيميائي عمل جو نالو آھي جنھن ذريعي گرم روشني ٻاھر نڪرندي آهي.[1] شين جي ان اخراجي گرمي کي علم ڪيميا ۾ گرمي ٻاھر ڪڍڻ وارا پروسس (Exothermic process) ۽ ٻرڻ جي ان عمل کي ڪمبسشن (Combustion) چئبو آهي. باھه جي گرم ھجڻ جو ڪيميائي سبب ان ٻرڻ جي عمل ۾ ماليڪيول واري آڪسيجن جي ڪمزور ٻٽي بانڊ (double bond) O2 جو، ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ CO 2 وارين شين جي طاقتور بانڊن ۾ تبديلي ۽ ان جو 418 ڪلو جول في مول (32 گرام) توانائي جاري ڪرڻ آھي.[2] ٻرڻ جي ان عمل ۾ گرمي جو درجو ھڪ اھڙي سطح تي ٿي ويندو آهي جو باھه جا شعلا ڀڙڪي پوندا آهن جنھن کي اگنيشن پوائنٽ (ignition point) چوندا آهن. شعلو باھه جو نظر ايندڙ حصو ھوندو آھي جنھن م ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ، پاڻي جا بخار، آڪسيجن ۽ نائيٽروجن شامل ھوندا آھن. جڏھن اھي تمام گرم ھوندا آھن تہ انھن جون گئسون آئئنن(ions) ۾ تبديل ٿي پلازما پيدا ڪنديون آهن.[3] ٻرندڙ شين جي مادي ۽ ان جي ٻاھران لڳل ملاوٽ جي آڌارَ تي باھه جي رنگ ۽ ان جي شدت ۾ فرق ٿيندو آهي.[4] جڏھن ساون وڻن ٻوٽن وغيره کي باھه لڳندي آهي تہ باھه نائيٽروجن ٻاھر ڪڍندي آهي ۽ ٻيا عنصر جن ۾ پوٽيشيم ۽ فاسفورس شامل آهن خاڪ ۾ رھجي ويندا آهن ۽ جلد مٽي جو حصو ٿي ويندا آهن.
تاريخ
سنواريوهي قديم عنصر آهي، جيڪو زمين تي ٻين "آدين" (هميشه قائم رهندڙ) عنصرن سان گڏ وجود ۾ آيو. يونانين ۽ ان کان پوءِ مصرين جن چئن عنصرن کي بنيادي قرار ڏنو، تن ۾ باھه به شامل آهي. هوا، باھه، پاڻي ۽ مٽي بنيادي عنصر آهن. يوناني فلسفين کان پوءِ ايرانين باھه کي مقدس عنصر ڄاڻي، اُن جي پوڄا ڪرڻ شروع ڪئي. بابل ۽ نينوا جي تهذيب ۾ باھه جي پوڄا لاءِ وڏا آتشڪدا ٺاهيا ويا. زردشتي دستور مطابق اُها جاءِ جتي مقدس باھه رکي وڃي ٿي، عموماً اٺ ڪنڊي ٺاهي ويندي هئي، جنهن جي وچ ۾ آتشدان هوندو هو. آهستي آهستي اهو دستور ٿي ويو تہ مقدس باهه تي سج جي روشني نه پوي، تنهن ڪري عبادتگاهه اونداها رهڻ لڳا هئا. 31 ھجري بمطابق 651ع ۾ جڏهن بلخ فتح ٿيو ته اَهڙن آتش ڪدن جي باھه هميشه لاءِ ٿڌي ٿي ويئي. هندو ڌرم ۾ "اندر ديوتا" کي باھه جو ديوتا سڏيو وڃي ٿو.[5]
انساني زندگيءَ ۾ باھ جي اھميت
سنواريوباھه ماڻهوءَ کي آب و هوا جي محتاجيءَ کان آجو ڪيو ۽ کيس دنيا تي ڇانئجڻ جي اهليت ڏني. باهه سان ئي ماڻهوءَ جا اوزار مضبوط ٿيا ۽ اهڙيون شيون جيڪي اڳ هو کائي نٿي سگهيو سندس خوراڪ جو حصو ٿيون. سڀ کان اهم ڳالهه اها ٿي ته باهه ماڻهوءَ کي رات جو مالڪ بڻايو ۽ هن جي شامن ۽ صبحن کي روشن ڪيو. ٿوري دير لاءِ ان زماني جو تصور ڪيو جڏهن ماڻهو اوندهه تي غالب نه ٿيو هو. اڃا تائين اسان جي روايتن ۽ شايد ته اسان جي رت ۾ ان دور جو روپ موجود آهي. ڪو وقت هو جو اوندهه ماڻهوءَ لاءِ عذاب هئي ۽ اوندهه کان ڊڄي هو پنهنجي غار ۾ هليو ويندو هو. هاڻي اسين صبح کان اڳ غارن ۾ نٿا وڃون. صبح جو سج اڀرڻ جي نظاري کان محروم ٿيڻ وڏي بيوقوفي آهي پر اوندهه جي ڊپ کان آزاد ٿيڻ به وڏي نعمت آهي. ماڻهوءَ جڏهن پنهنجن هٿن سان روشن ڪيل ستارن سان رات کي روشن ڪيو ته هن جو روح روشن ٿي ويو ۽ زندگيءَ جي چرپر ۽ خوشي ماڻڻ جا امڪان وڌي ويا. اسان شايد ڪڏهن به هٿرادو روشنيءَ جي ايجاد جا ٿورا لاهي نه سگهنداسين.[6]
حوالا
سنواريو- ↑ Glossary of Wildland Fire Terminology. National Wildfire Coordinating Group. November 2009. http://www.nwcg.gov/pms/pubs/glossary/pms205.pdf. Retrieved 2008-12-18. آرڪائيو ڪيا ويا 2008-08-21 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ↑ Schmidt-Rohr, K (2015). "Why Combustions Are Always Exothermic, Yielding About 418 kJ per Mole of O2". J. Chem. Educ. 92 (12): 2094–99. doi: . Bibcode: 2015JChEd..92.2094S.
- ↑ Helmenstine, Anne Marie. "What is the State of Matter of Fire or Flame? Is it a Liquid, Solid, or Gas?". About.com. حاصل ڪيل 2009-01-21.
- ↑ Lentile, et al., 319
- ↑ باهه : (Sindhianaسنڌيانا)
- ↑ ڪتاب جو نالو: فلسفي جون راحتون، ليکڪ: وِل ڊيوران، سنڌيڪار: آغا سليم؛ ايڊيشن 2016ع؛ ڇپائيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.