بانٺ
بانٺ وونئڻن مان ڦُٽين جي چونڊي ٿيڻ کان پوءِ وونئڻن جا ٻوٽا سُڪي ويندا آهن، پر اڃا زمين ۾ بيٺا هوندا آهن، انھن کي ’بانٺ‘ چوندا آهن. غريب ماڻھو اُها بانٺ وڍي، ڪجهہ ڏينھن سڪڻ لاءِ رکي، پوءِ اُن مان پَتروُن ٺاهي گهر (ڀونگي) اڏيندا آهن. پوءِ پترن جي سڄي اڏاوت کي مٿان ڇيڻي ۽ مٽيءَ جو راڳو ڏيئي ڇڏيندا آهن. ڳوٺاڻا بانٺ کي ”وونئڻاٺيون“ بہ چوندا آهن. لَيُنِ ۽ وونئڻن وغيره جون سنهيون ڪاٺيون، جيڪي لانڍيءَ وغيره ٺاهڻ ۾ ڪم اينديون آهن. کجيءَ جا ڦرها، جيڪي گهر ٺاهڻ لاءِ ڪم ايندا آهن. لُين يا ڄارين جي لاڪُڙ کي بہ ’بانٺ‘ چئبو آهي. لاباري کان پوءِ خاص ڪري ڪمند، نيرَ، تماڪ ۽ وونئڻن جي سُنڍن جي ٻيھر اوسر بہ ’بانٺ‘ سڏبي آهي.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ بانٺ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (ويبسائيٽ)، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ.