هن نالي سان ضلعي ۽ تعلقي مٽياريءَ ۾ هڪ ديهه موجود آهي. هن ديهه ۾ ’باهو ديرو‘، ’-بقادار شاهه- جي وسي‘، ’شهمير جي وسي‘، ’عبدل پنهور’، ’پريو پنهور‘، ’احمد ميمڻ‘، ’ڪرم شاهه‘ ۽ ’دادو مير -بحر-‘ جي نالي سان ڳوٺ شامل آهن. ڳوٺ باهو ديري جي آبادي هزارن ۾ آهي. هتي پرائمري اسڪول به موجود آهن. گڏوگڏ نيشنل هاءِ وي تي ڳوٺ ۽ -بس- اسٽاپ به آهي.[1]