بادل ۽ برسات

سنڌي سينيما فلم

سنڌ موويز جي پهرين پيشڪش هيءَ سنڌي فلم پيار ڪهاڻيءَ تي ٻڌل هئي، جيڪا 7 فيبروري 1975ع تي رليز ٿي.[1] هن فلم جو هدايتڪار اي ڪيو پيرزادو، موسيقار غلام نبي- عبداللطيف ۽ فلمساز اي. ايم عباسي هو. فلم ۾ اداڪار طور وسيم، اي. -آر- -بلوچ-، قادو شيدي، ابو -بلاول-، چنگاري، شمس الدين، رحيم شورو، عشرت حسين، ملڪ انوکو، -اسد قريشي- ۽ عبدالحق ابڙو شامل هئا. هيءَ فلم ڪراچيءَ جي لائيٽ هائوس، خيام ۽ سنگيت سئنيمائن سان گڏ راحت سئنيما حيدرآباد ۽ شاهه ٽاڪيز سئنيما ٽنڊي آدم ۾ پردي تي ڏيکاري ويئي.[2]

حوالا سنواريو