باب:ڪورونا وائرس مرض 2019/چونڊ سوانح/1

فاطمہ رهبر (فارسي: فاطمہ رهبر‎ (1964 -کان 7 مارچ 2020) هڪ ايراني سياست دان ۽ ليکڪا هُئي جيڪا مجلس ايران جي 2004 کان 2016 جي دوران ٽي ڀيرا ستين، اَٺين، نائين مُدت جي لاءِ تهران، ري، شميرانات ۽ اسلامشهر چُونڊَ تَڪُ (حلقو) کان رڪن ايراني پارليمان رهي۔ فاطما بصري ڪميونيڪيشن (مواصلات) ۾ ايم اي ڪئي ۽ پوءِ انتظامي حڪمت عملي (ايڊمنسٽريشن پاليسي) ۾ پي ايڇ ڊي ڪيائين هيءَ انٽرنيٽ نيٽ ورڪ جي پروڊڪشن منيجر ۽ انٽرنيٽ حڪمت عملي سان لاڳاپيل سپريم ڪائونسل جي سيڪريٽري طور ڪم ڪندي هُئي. هيءَ چوٿين ڀيرو پڻ رڪن پارليمينٽ چُونڊجي وئي هئي، پر آخري ڀيرو چُونڊجڻ کانپوءِ، اڃا خدمتون شروع ئي نہ ڪيون هيائين، تہ ڪرونا وائرس جي سبب کان 5 مارچ تي ڪوما ۾ هلي وئي ۽ انهيءَ وبا جي ڪري 7 مارچ تي پرلوڪ پڌاري (وفات ڪري) وئي. سڀ مضمون پڙهو۔۔۔