اھير ڀيرو (راڳڻي)
اهير ڀيرو، اهير ڀيروون راڳڻي هي ڀيرو ٺاٺ جي سمپورن راڳڻي آهي. هن ۾ مڌم چٽو ڪري لڳايو ويندو آهي، پور وانگ ۾ ڀيرو جو انگ ۽ اترانگ ۾ ڪافي ٺاٺ سان ملندڙ آهي، اهيري ڀيروين ۽ ٽوڙي ٺاٺن ۾ به ڄاڻايل آهي. ڀائو ڀٽ پنڊت ڀيرون جا ڏھ قسم لکيا آهن، جيڪي هي آهن.
- آڍو ڀيرون
- کاڊو ڀيرون
- سمپورن ڀيروون
- بسنت ڀيروون
- آنند ڀيروون
- نند ڀيرون
- سُر ناڪر شن ڀيروون
- گنڌار ڀيروون
- رام ڀيروون
- ڀولي ڀيروون
انھن مان رڳو ڪجهہ قسم مروج آهن.
هن جو خاص سرگم هي آهي: گي کي را سا- سا سا را سا- نا سا را سا- نِا ساگي- گي گي ما- گي ما را پا- گي ما را سا- را را سا- گي را گي ما- ما ما پا گي ما را- را سا- سا را سا ما- گي راگي ما- ما ما پا گي- ما را- را سا سا را سا ما- گي را سا پا- گي ما پا- گي ما پا گي- ما گي را سا آهي. هن جي آروهي: ساراگي ما پا ڌي نا سا ۽ امروهي: سانا ڌي پا ما گي را سا آهي، جڏهن تہ وادي سُر کرج ۽ سموادي مڌم آهي.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ اهير ڀيرو اهير ڀيروون : (Sindhianaسنڌيانا) انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (ويبسائيٽ)، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ.