سنڌ جي مشهور شاعر شيخ اياز، شڪارپور شهر مان سال 1947ع ۾ هڪ ماهوار رسالو ”اڳتي قدم“ (Aggtay) جاري ڪيو، جنهن ۾ هن ترقي پسند تحريڪ جي اثر هيٺ سنڌي ادب جو سگهارو تصور پيش ڪيو. ”اڳتي قدم“ جو پهريون پرچو آگسٽ 1947ع ۾ موتي پرنٽنگ پريس، ٺاٺارا محلي، شڪارپور مان ڇپجي پڌرو ٿيو هو. ”اڳتي قدم“ پهريون سنڌي رسالو هو، جو تعميري ۽ ترقي پسند ادب جي بنيادي نڪتي تي تنقيد ۽ تنقيد جي جديد قدرن کي پنهنجن صفحن ۾ سمائي نروار ٿيو. ان ۾ شامل شاعريءَ، ڪهاڻين ۽ ٻين لکڻين تي باقاعدي ايڊيٽر پاران تنقيدي راءِ ڏني ويندي هئي. ”اڳتي قدم“ جو ٻيو پرچو، سيپٽمبر 1947ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ ڪهاڻيون ۽ شاعري شامل هئي. ان جو ٽيون پرچو، آڪٽوبر 1947ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ پڻ ساڳئي انداز جو مواد شامل هو. ”اڳتي قدم“ رسالي جاري ڪرڻ وقت شيخ اياز جي عمر 24 ورهيه هئي. رسالي تي شيخ اياز جي قابليت ۽ صلاحيتن جي ڇاپ نمايان نظر اچي ٿي. ورهاڱي جي ڌڪ شيخ اياز کي به متاثر ڪيو، سندس ساٿي ساڃهه وند هندو اديب ڀارت لڏي ويا، نتيجي طور ٻين اشاعتي ادارن وانگر هي رسالو ”اڳتي قدم“ به بند ٿي ويو. پر هن رسالي جي تخليقن جا سنڌي ادب تي تمام وڏا اثر رهيا آهن. ’اڳتي قدم‘ جي ٽنهي پرچن کي گڏي، ساڳئي نالي سان ڊيمي سائيز ڪتابي صورت ۾ محمد ابراهيم جويي صاحب 2001ع ۾ شيخ اياز فائونڊيشن پاران ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن 192 صفحن جي ڪتاب جي قيمت 60 رپيا رکي وئي آهي.

1970ع واري ڏهاڪي ۾ حيدرآباد مان مدد علي سنڌيءَ پڻ ’اڳتي قدم‘ جي نالي سان رسالي جا ڪيترائي شمارا شايع ڪيا. [1]

حوالا سنواريو

  1. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد