اڳتي تاڻ امنگ جي
هي ڪتاب مضمون ۽ خاڪن تي مشتمل آهي، ڪتاب جو مصنف، نامور شاعر ۽ ليکڪ راشد مورائي آهي، ڪتاب جو مهاڳ مشهور اديب ۽ تعليمي ماهر نذير قاضي لکيو آهي، جڏهن ته بيڪ ٽائيٽل تي مير محمد پيرزادي، عبدالحڪيم ارشد، تاج جويي، رکيل مورائي، الهه بخش راٺوڙ ۽ محمد مريد لنڊ جا ويچار شامل آهن، پڪي جلد سان ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، المهراڻ فائونڊيشن سانگھڙ پاران -جنوري- 2006ع ۾ شايع ٿيو، 184 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 130 روپيا آهي.[1]