اڪوئي هڪ قسم جو جابلو ٻوٽو، جيڪو پسارڪي وکر طور ڪم ايندو آهي. هيءُ ٻوٽو ڀنگ جي ٻوٽي جهڙو ٿئي ۽ تاثير به ڀَنگ وانگر هلڪي نشي وارو ٿئيس. جابلو چوپايو مال هيءُ ٻوٽو چرندو آهي. ڳڙ جيڪو اندر ۾ گند ڪري وڃي، پر ڦاٽي نه سگهي، ان کي اِڪوئي جي لپري ٻڌندا آهن ته ڳڙ ڦاٽي پوندو ۽ سور پڻ ڀڄي پوندو آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. 2012ع