اکري گهريلو استعمال جو هڪ ٿانءُ، جيڪو ٺڪر جو بہ ٿئي تہ ڪاٺ ۽ پٿر مان بہ ٺهي ٿو. اُکريون ٻن ڪمن ۾ گهڻو استعمال ٿين ٿيون. هڪ ڪُٽڻ جي ڪم ۾ اچي تہ ٿي ڇَڙهڻ جي ڪم اچي ٿي. ڪاٺ يا پٿر جي ننڍي اُکري، جيڪا عام طرح گول ٿئي. جنهن ۾ ٽن کان چئن انچن جو گولائيءَ ۾ قطر وارو چُڍو (خال) پڻ ٿئي، سا مرچ مصالحي يا ويڳر وڙي ڪُٽڻ جي ڪتب اچي. ڇَڙھ جي ڪم ۾ ايندڙ اُکريءَ جي بناوٽ ڪجهه ٻيءَ طرح سان ٿئي ٿي، يعني هيءَ مٿان وڏي ۽ هيٺ سوڙهي تري واري ٿئي، جيڪا ٺِڪر جي بہ ٿيندي آهي تہ ڪاٺ جي بہ ٿئي. ان وڏي اُکريءَ ۾ هر قسم جي جنس ڇڙهبي آهي، جھڙوڪ: چانور، ثابت مڱ، مُهر، مَٽر ۽ چڻا وغيره. ڇَڙھ جي ڪم ۾ ايندڙ اُکريون وڏيون بہ ٿين تہ اُچيون بہ، جن ۾ ماڻهو بيهي بہ ڪا شيءِ ڇڙهي سگهي.[1]

حوالا سنواريو