اڙٻنگ ابڙو
اڙٻنگ ابڙو ڪڇ جي انھن سمن سردارن مان ھو، جيڪي سنڌ سان وابسته ھئا. ھو ڪڇ جي ”وڏ سر“ واري علائقي جو والي ھو، پھلوانيءَ ۽ سورھيائيءَ ۾ پنھنجو مٽ پاڻ ھو. ابڙو اڙٻنگ دودي سومري جو ھمعصر ھو، ان ڪري ھن جو دور، تيرھين صديءَ جي آخر ۽ چوڏھين صديءَ جي شروعات ٿي سگھي ٿو. دودي سومري ۽ علاؤالدين جي جنگ 1313ع ۾ لڳي ھئي، جنھن ۾ سومرن جي شڪست کان پوءِ حاڪم گھراڻي جون سومريون ابڙي ڏانھن سامون ڪري موڪليون ويون ۽ ابڙو انھن سامن لاءِ سر ڏيئي سرھو ٿيو:
’ابڙو سوَڙو، وڏوَڙو، سمو سونهن سندن‘. (شاهه)
ابڙو سومرن جون سامون وٺڻ کان پوءِ اھي پنھنجي پٽن جي حوالي ڪري، ننڍو لشڪر وٺي ميدان تي آيو ۽ اھڙي ته بهادريءَ سان وڙھيو، جو مخالفن جون وايون بتال ڪري ڇڏيائين. جڏھن ڄام ابڙو جنگ جي ميدان تي ھو، تڏھن سومرن جون ٻانھون، ڏونگر راءِ جي نگرانيءَ ۾ ھيون، کيس چيل ھو ته ڇا به ٿئي، پر سومرن جون سامون علاوالدين جي لشڪرين جي ھٿ نه چڙھن. جڏھن ڄام ابڙو جنگ جي ميدان ۾ شھيد ٿي ويو ته ڏونگر راءِ سامون وٺي ڪڇ جي رڻ ۾ اھڙي علائقي ۾ پھتو، جنھن ۾ رڳو ڌٻڻيون ھيون، پوءِ سومرن جي عورتن کي چيائين ته اوھان کي موت يعني ڌٻڻين جي حوالي ڪري جنگ ڏي وڃان ٿو. خدا اوھان جو نگھبان رھندو، اوھان کي بچائيندو ۽ دشمن کي پھچڻ نه ڏيندو. ان کان پوءِ اھي سڀئي مايون انھيءَ ڌٻڻ ۾ ھيٺ ھليون ويون. بعد ۾ ڏنگر راءِ انھيءَ ھنڌ تي ھڪ نشان ڪري اچي ميدان جنگ تي طبل وڄايو. علاؤ الدين جي فوجين کيس چيو ته سامون ڪٿي آھن، انھن جو ڏس ڏيندين ته ھي ملڪ ۽ ھن ملڪ جي بادشاھي تنھنجي حوالي ڪري ھليا وينداسين، پر ڏونگر راءِ کين سامن جي ڌٻڻن حوالي ٿيڻ جو قصو ٻڌايو ۽ اھا جاءِ ڏيکاري، جنھن کان پوءِ لشڪر ڪڇ خالي ڪري واپس ھليو ويو.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ اڙٻنگ ابڙو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين) جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع