ايڪي يا اِڪي انگ (انگريزي ٻولي: Odd number) اهڙا انگ آهن جيڪي ٻه جي ضرب نه آهن. جيڪڏهن اِڪي انگ کي 2 سان ونڊ ڪبو ته پاڇي بچندي. 1 پهريون واڌو انگ (انگريزي ٻولي: Positive Number)، ان کان پوءِ وڏا اِڪي انگ 3،5،7،9 آهن. ڪجهه اِڪي انگ هي آهن، {1,3,5,7,9,11,13,15,17,19,21,23,25,27,29,31,33,35}.

جيڪڏهن ڪو انگ اِڪي ناهي ته اهو ٻڌي انگ هوندو آهي. ٻڌي انگ هن ريت {0,2,4,6,8,10,12,14,16...} هوندا آهن. جيڪڏهن ٻڌي انگ کي 2 سان ونڊ ڪبو ته هڪ مڪمل انگ ايندو جڏهن ته اِڪي کي ٻه سان ونڊ ڪرڻ سان پاڇي بچندي.

رياضي ۾ نه صرف واڌو پر ڪاٽو انگ به (..., −3, −2, −1, 0, 1, 2, 3, ...) اِڪي يا ٻڌي ٿي سگھن ٿا.

وڌيڪ ڏسو سنواريو