ايڪٽينوبئڪٽيريا
ايڪٽينوبئڪٽيريا (Actinobacteria) واڌو گرام (Gram-positive) بيڪٽيريا جو بڻياد يا فائلم آهي. اھي زميني مخلوق سان گڏوگڏ آبي مخلوق بہ آھن.[1] اھي انسانن لاء معاشي طور تي تمام وڏي اھميت وارا ھوندا آھن ڇوتہ زرعي ۽ ٻيلن جي واڌ ھنن بئڪٽيريا جي مٽي ۾ موجودگي تي دارومدار رکي ٿي. انھن جو ڪردار فنگاء جھڙو ھوندو آھي جيڪي مئل جاندارن کي ڳرڻ يا ذرو ذرو ٿيڻ ۾ مدد ڪندا آھن ايستائين جو ٻوٽا انھن جي ماليڪيولن کي کڻي سگھن. ھي جاندار مٽي جي ڀيٽ ۾ پاڻي ۾ زياده ٿيندو آهي.[2] ھي بئڪٽيريا بئڪٽيريائي بڻيادن ۾ سڀ کان وڏي اهميت وارو آهي ۽ بئڪٽيريا جو سڀ کان وڏو نسل اسٽريپٽومائيسز پڻ ھن ۾ شامل آھي.[3] اسٽريپٽو مائيسز(Streptomyces) ۽ ٻيا ايڪٽينوبئڪٽيريا مٽيءَ جي حياتياتي ڪيميائي عمل کي جاري رکڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا.[4] ايڪٽينوبئڪٽيريا مان ڪيتريون ئي اينٽي بايوٽڪ دوائون پڻ ٺھنديون آھن.
ايڪٽينوبئڪٽيريا | |
---|---|
ايڪٽينومائيسز اسرائيلياء جي اليڪٽرانڪ خوردبيني ۾ نڪتل تصوير | |
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | ايڪٽينوبئڪٽيريا وارو حياتياتي بڻياد يا فائلم. |
درجا | |
| |
هم معنيٰ | |
Oren et al. 2015
ڪراسل نيڪوف، 1949 |
حوالا
سنواريو- ↑ "Evidence excluding the root of the tree of life from the actinobacteria". Mol. Biol. Evol. 25 (1): 1–4. January 2008. doi: . PMID 18003601. http://mbe.oxfordjournals.org/cgi/pmidlookup?view=long&pmid=18003601.
- ↑ Lopez-Garcia, Purification, ed (2011). "Metagenomics of the water column in the pristine upper course of the Amazon river". PLOS One 6 (8): e23785. doi: . PMID 21915244. PMC 3158796. http://www.plosone.org/article/info%3Adoi%2F10.1371%2Fjournal.pone.0023785.
- ↑ {{cite web |url=Bacteria. Encyclopedia of Earth. eds. Sidney Draggan and C.J.Cleveland, National Council for Science and the Environment, Washington DC آرڪائيو ڪيا ويا 2011-05-11 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ↑ Ningthoujam, Debananda S.; Sanasam, Suchitra; Tamreihao, K; Nimaichand, Salam (November 2009). "Antagonistic activities of local actinomycete isolates against rice fungal pathogens". African Journal of Microbiology Research 3 (11): 737–742.