اين. ايف. سي. اوارڊ
ايـن. ايـف. سـي جـي پـوري مـعـنيٰ ”National Financial Commission Award“ آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ’قومي مالياتي اوارڊ‘ چئجي ٿو. اين. ايف. سي اوارڊ ملڪ جو صدر لاڳو ڪندو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير جي اڳواڻيءَ ۾ تيار ٿيل هن ڪميشن ۾ چئني صوبن جا ناڻي وارا وزير ۽ صدر جا مقرر ڪيل نمائندا شامل هوندا آهن. پاڪستان ۾ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ رقمن جي ورڇ جي شروعات 1951ع کان ٿي. هينئر تائين -اٺ- مالياتي اوارڊ پيش ٿي چڪا آهن. اٺين مالياتي اوارڊ تي وفاق ۽ صوبن ۾ اختلاف رهيا ۽ ارڙهين ترميم بعد گهڻي ڀاڱي معاملا حل ڪيا ويا. 1951ع کان وٺي 1974ع تائين جيڪي به مالياتي اوارڊ آيا آهن، انهن ۾ وفاق کان صوبن ڏانهن منتقل ٿيندڙ رقمن ۾ صوبن جي حصي ۾ مسلسل واڌارو ٿيندو رهيو ۽ صوبن مان اوڳاڙيل ٽئڪسن جو وڏو حصو صوبن کي ملندو رهيو آهي، پر 1990ع کانپوءِ حڪمت عملي تبديل ڪئي وئي ۽ ورڇ -جوڳي- پول ۾ نوان ٽئڪس شامل ڪيا ويا، انهن ۾ وري وفاق جو حصو صوبن کان وڌيڪ رکيو ويو. 1997ع ۾ جيڪو ڇهون مالياتي اوارڊ آندو ويو، -ان- کي ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ يڪسان تبديل ڪيو ويو. هن ۾ سمورا ٽئڪس آئل ۽ گئس سرچارج سميت ورڇ -جوڳي- پول ۾ شامل ڪيا ويا. سيلز -ٽيڪس- جي اوڳاڙيءَ جو پنجاهه سيڪڙو ڪراچيءَ جي بندرگاهن سميت سڀ رقمون اوارڊ ۾ شامل ڪيون ويون، جنهن سبب 1961ع، 1964ع ۽ 1970ع جي اوارڊ جي ڀيٽ ۾ هن اوارڊ ۾ صوبن جي -ٽيڪس- وصوليءَ جي شرح گهٽجي وئي، جنهن سبب 91 سيڪڙو وصوليون وفاق وٽ هليون ويون. صوبن وٽ وصولين مان صرف 6 سيڪڙو ۽ مڪاني ادارن وٽ وصولين جو صرف 3 سيڪڙو رهجي ويو, قومي آمدنيءَ ۾ صوبن جو حصو بلڪل گهٽجي يعني فقط 6 سيڪڙو رهجي ويو، ڇا ڪاڻ ته صوبن جا ٽئڪس وفاقي، پول ۾ شامل ڪيا ۽ وري وفاق مان رقمن جو حصو وڌائي صوبن کي خوش ڪيو ويو. جنهن جو بنيادي فائدو پنجاب کي پيو ۽ سڀ کان گهڻو نقصان سنڌ جو ٿيو. ستون مالياتي اوارڊ پ پ حڪومت متفق راءِ سان آندو. تازو ارڙهين ترميم جي منظوريءَ بعد اين. ايف. سي اوارڊ ۾ صوبن جي حصن بابت -اصلاح- ڪئي وئي آهي.[1]