اينڊوڪرائن نظام

اينڊوڪرائن نظام(انگريزي: endocrine system ) ڪيميائي نياپو ڏيندڙ نظام جو نالو آهي جيڪو ڪرنگھيدار جاندارن ۾ موجود ھوندو آھي. ھن نظام ۾ جسم جا ڪجهه اندريان غدود گردشي نظام منجھ ھارمون جاري ڪندا آهن جيڪي لاڳاپيل عضون تائين پھچندا آھن. انسانن جي مکيہ اينڊوڪرائن غدودن ۾ ٿائرائيڊ غدود ۽ ايڊرينل غدود شامل آهن. ڪرنگھيدار جاندارن ۾ سمورن اينڊوڪرائن نظامن لاء تنتي ضابطي جو مرڪز ھپوٿيليمس ھوندو آھي. اينڊوڪرائن نظام جي اڀياس کي اينڊوڪرائنالاجي چوندا آهن جيڪا اندروني طب (internal medicine) جي ھڪ شاخ آھي.[1]

اينڊوڪرائن نظام

اينڊوڪرائن نظام جو مکيہ غدود
تفصيل
سڃاڻپ ڪندڙ
لاطيني ٻولي Systema endocrinum
ائناٽامي جو بنيادي ماڊل 9668
ائناٽامي جا محاورا
  1. Marieb, Elaine (2014). Anatomy & physiology. Glenview, IL: Pearson Education, Inc. ISBN 978-0321861580.