ايمپريس مارڪيٽ جي عمارت

هيءَ عمارت ڪراچيءَ شهر ۾ آهي، جيڪا 1889ع ۾ -انگريز- سرڪار تعمير ڪرائي. هن بلڊنگ جو افتتاح ڪمشنر سنڌ، مسٽر پرچرڊ ڪيو. جيئن ته -ان- ئي سال ملڪه وڪٽوريه جي سلور جوبلي ملهائي پئي وئي، تنهنڪري هن عمارت جو نالو ”ايمپريس“، رکيو ويو. هن بلڊنگ جي تعمير تي 55 لک رپيا خرچ آيو. هيءَ عمارت يورپين طرز جي هڪ بهترين عمارت آهي. هن عمارت جي ٽاور جي اوچائي 140 فوٽ آهي. هن مارڪيٽ ۾ 280 دڪانن جي گنجائش آهي. -ان- دور جي هيءَ هڪ بهترين مارڪيٽ هئي، جنهن مان ڏورانهن علائقن کان ماڻهو اچي خريداري ڪندا هئا.[1]