ايملي هاز

فوٽوگرافر

ايملي هاز (انگريزي ٻولي: Emily Hauze)، جيڪا پاڻ کي آمريڪي سنڌياڻي سڏائي ٿي، آمريڪا جي هڪ فوٽوگرافر ۽ بلاگر آهي. ايملي سنڌ کي پنهنجو اصل ديس ڪوٺيندي آهي.[1][3] هي آمريڪي رياست ٽينيسي ۾ پيدا ٿي.[4]

ايملي هاز
Emily Hauze
پيدائش جُولاءِ 1982 (عمر 41 سال)
ٽينيسي، آمريڪا[1]
قوميت آمريڪي
تعليم جرمن ادب
موسيقي
مادر علمي يونيورسٽي آف پينسلوينا[1]
شھرت جو ڪارڻ فوٽوگرافي
سنڌ سان محبت
جيون ساٿي انڊريو هاز [2]
ويب سائيٽ
www.emilyhauze.com

ذاتي زندگي سنواريو

ايملي آمريڪي رياست ٽينيسي جي هڪ ننڍي ٽائون ۾ پيدا ٿي ۽ پوءِ پينسلوينا لڏي آئي. پينسلوينا جي يونيورسٽي مان هن بي. اي. ۽ ايم. ايم جرمن ادب ۽ موسيقي ۾ ڪئي.[4] ايملي جي شادي اينڊريو هاز سان ٿيل آهي.[2]

سنڌ بابت سنواريو

ايملي سنڌ کي پنهنجو اصل گھر ڪوٺيندي آهي ۽ سندس خواهش آهي ته سندس سنڌ کي دنيا جا ماڻهو گهمڻ اچن.[3] آمريڪا ۾ ماڻهو شاهه لطيف کي نه سڃاڻين، پر سنڌ اچي خبر پئي، ته لطيف شيڪسپيئر جي پائي جو شاعر آهي.[5]

مسئلا سنواريو

ايملي سنڌ جي مسئلن تي مختلف سيمينارن ۾ ڳالهائي ۽ مقالا پيش ڪري چڪي آهي،[6] هن جي نظر ۾، پوري دنيا ۾ عورتن سان مسئلا آهن، پر سنڌ ۾ مختلف رسمن رواجن ۽ مرد جي هڪ هٽيءَ سبب عورتن جا مسئلا وڌيڪ نظر اچن ٿا.[7]

هم اثر رايا سنواريو

شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي گادي نشين سيد وقار حسين شاهه لطيفي ايملي هائوزي شاهه جي سورمي ڪوٺيو.[8] نامياري ليکڪ حسن مجتبي جي بقول سنڌ ۾ مون کان ۽ نثار کوکر کان وڌيڪ سنڌي ايملي هاز کي سڃاڻين.[9]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 Emily, Hauze. "What I do...". emilyhauze.com. حاصل ڪيل 3 July 2018. 
  2. 2.0 2.1 Emily, Hauze. "Guest edition! by Andrew Hauze". emilyhauze. حاصل ڪيل 3 July 2018. 
  3. 3.0 3.1 "Punjabi Excursion (1 of 2): Born anew in Lahore". emilyhauze.com. Emily Hauze. حاصل ڪيل 3 July 2018. 
  4. 4.0 4.1 "“If Someone Speaks Unfairly Of Pakistan, It Is Painful To Me…” – Says Emily An American". travel.jumia.com. Jumia. حاصل ڪيل 3 July 2018. 
  5. "Glowing tribute paid to Shah Abdul Latif Bhittai Literature Conference". FAWAD MAQSOOD (Business Recorder). 6 november 2017. https://www.brecorder.com/2017/11/06/379077/glowing-tribute-paid-to-shah-abdul-latif-bhittai-literature-conference/. Retrieved 3 July 2018. 
  6. "لطيف ادبي ڪانفرنس ۽ راڳ رهاڻ جي محفل، سوين ماڻهو شريڪ". روزاني ڪلياڻ (روزاني ڪلياڻ). 5 November 2017. http://dailykalyan.com/?p=17733. Retrieved 3 July 2018. [مئل ڳنڍڻو]
  7. آزاد, اصغر (9 March 2018). "عورتن جو عالمي ڏينهن، سڄي سنڌ ۾ تقريبون ريليون". سنڌ سماچار (سنڌ سماچار). http://www.sindhsamaachar.com/2018/03/09/%D8%B9%D9%88%D8%B1%D8%AA%D9%86-%D8%AC%D9%88-%D8%B9%D8%A7%D9%84%D9%85%D9%8A-%DA%8F%D9%8A%D9%86%D9%87%D9%86%D8%8C-%D8%B3%DA%84%D9%8A-%D8%B3%D9%86%DA%8C-%DB%BE-%D8%AA%D9%82%D8%B1%D9%8A%D8%A8%D9%88%D9%86/. Retrieved 3 July 2018. [مئل ڳنڍڻو]
  8. بخش, محمد (6 november 2017). "شاهه لطيف نفيس ۽ حساس شاعر هو نوجوانن کي ان جي فلسفي کي سمجهڻو پوندو: ساڃهه وند". روزاني مهراڻ (روزاني مهراڻ). http://dailymehran.com.pk/2017/11/06/%D8%B4%D8%A7%D9%87%D9%87-%D9%84%D8%B7%D9%8A%D9%81-%D9%86%D9%81%D9%8A%D8%B3-%DB%BD-%D8%AD%D8%B3%D8%A7%D8%B3-%D8%B4%D8%A7%D8%B9%D8%B1-%D9%87%D9%88-%D9%86%D9%88%D8%AC%D9%88%D8%A7%D9%86%D9%86-%DA%A9%D9%8A/. Retrieved 3 July 2018. [مئل ڳنڍڻو]
  9. کوکر, نثار. لاپتا محبت. روشني پبليڪشن ڪنڊيارو. p. 11.