ايلا ارون هڪ هندستاني اداڪارا، ٽي وي ڪلاڪار ۽ راجسٿاني لوڪ پاپ راڳڻي آهي.[1] هن ڪيترن ئي نامياري باليووڊ موويز جهڙوڪ لمهي، جوڌا اڪبر، شادي ڪي سائيڊ افيڪٽس ۽ بيگم جان ۾ ڪم ڪيو آهي.

الا ارون
پس منظري معلومات
صنف اندين فلم ميوزڪ، پلي بيڪ سنگر، ڪلاسيڪل راڳي، پاپ موسيقي
پيشا ڳائڻي، اداڪارا
اوزار ڳائڻي (ووڪلسٽ)
سرگرم سال 1979–هينئر تائين

ذاتي زندگي جو احوال سنواريو

ارون جئيپور، راجستان جي رهواسڻ آهي. هيءَ اداڪارِڻ اشيتا ارون جي ماءُ آهي.

پلئي بيڪ سنگر سنواريو

ارون هندي ۾ مخلتف فلمي گيت ڳايا آهن، ان سميت ڏکڻ هندستاني ٻولين ۾ تامل ۽ تيلگو پڻ ڪيترائي گيت ڳايا اٿس. سندس هينئر تائين مشهور فلمي گانو "چولي جي پيڇي" آهي، جيڪو هن الڪا يگينڪ سان گڏ ڳايو، ان ڳاني جي فلم کل نائڪ ۾ ماڌوري ڊڪشٽ اداڪاري ڪئي هئي، جنهن لاءِ ارون کي بهترين ناري پلي بيڪ سنگر جو فلم فيئر ايوارڊ مليو هيو.هڪ ٻيو ڳانو جنهنڪري هيءَ مشهور آهي سو فلم ڪرن ارجن جو "گپشپ" گانو آهي.لتا منگيشڪر سان گڏ ڳايل سندس گانو "مورني باگا ما بولي" پڻ مشهور آهي،جيڪ سريديوي جي اداڪاري هيٺ ٺهندڙ فلم لمهي ۾ شامل هيو. اي آر رحمان جي ڪمپوزنگ واري فلم مسٽر روميو جي لاءِ تامل "مُٿو مُٿو مازهائي" گاني ۾ پڻ پنهنجو آواز ارپيو هيو. بين الاقوامي سطح تي ساراهيل فلم سلم ڊاگ ملنيئر، جنهن کي "رنگا رنگا" سڏيو ويندو آهي، جيڪو رحمان سان ڳايل هن جو آخري ذڪر لائق گانو پڻ هيو.

سلنگز البم سنواريو

هن ڪيترائي ڪامياب سنگلز گيت تيار ڪيا جهڙوڪ "گهاگرا کي ووٽ ڏيو".هن انڊين پريميئر ليگ ۾ راجسٿان رائلز ٽيم لاءِ پروموشنل گيت هلا بول پن ڳايو، جيڪو تُرت هِٽ ٿي ويو. هيءَ راجسٿان جي رهواسڻ آهي ۽ پنهنجن سمورن البمز ۽ فلمن ۾ ڪيترائي راجسٿاني گيت ڳايا اٿائين.

اداڪاري سنواريو

ڊاڪٽرز جي زندگي تي پهرئين ڀيرو ٺهندڙ هڪ هندي ٽي وي سيريل جي لائف لائن (جيونرکا) ۾، گڏوگڏ دور درشن تي تنوي عظمي سان گڏ اداڪاري ڪئي اٿس.سال 2008 واري فلم جوڌا اڪبر ۾ بطور ماهم انگا ڪردار ۾ اڪبر جي ذهين پُسيل نرس ۽ سياسي صلاحڪار جي حيثيت سان هڪ ڪامياب ڪارڪردگي پيش ڪئي هئي.هن چائنا گيٽ، چنگاري، ويل ڊن ابا، ويلڪم ٽو سجن پور، اولهہ اولهہ آهي (ويسٽ از ويسٽ) ۽ گهاتڪ فلمن ۾ معاون ڪردار طور ڪم ڪيو آهي. تازو هن پاران شادي جا سائڊ ايفيڪٽز ۽ بيگم جان فلمن ۾ وديا بالن ۽ فرحان اختر سان گڏ قِسمت آزمائي هئي جِن ۾ هن اُستادڻ (ٻارن جي سنڀال ڪندڙ زال) ۽ چڪلو جي ميمبر جو ڪردار نڀايو آهي. شروعاتي سال ۾ ارون هندستاني ٽيليويزن انڊسٽري سان پڻ لاڳاپيل رهي، هن 1980 جي ڏهاڪو ۾ ڀارت ايڪ کوج ۽ ياترا ۾ ڪم ڪيو آهي. سموويڌان جيڪو انڊيا جو آئين ٺاهڻ جي بنياد تي ٺهيل هڪ ٽي وي مِني سيريز هيو، تنهن ۾ هن هڪ آزاد ڪارڪن هنسا مهتا جو ڪردار نڀايو جيڪا آئين ساز اسيمبليءَ جي صلاحڪار ڪاميٽيءَ جو حصو هُئي.

حوالا سنواريو