ايس. جي. ڀاڳيا (انگريزي:S. G Bhagia) سنڌ، پاڪستان ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر ۽ نثر نويس آهي جنهن جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.

ايس. جي. ڀاڳيا

زندگي جو احوال سنواريو

نامياري اديب ايس. جي. ڀاڳيا جو اصل نالو سڌام چند گوڪل مل ڀاڳيا آهي. سندس جنم 6 نومبر 1955ع تي سکر ضلعي جي شهر پنوعاقل ۾ ٿيو.

تعليم سنواريو

باڳيا پرائمري تعليم پنو عاقل جي گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول مان حاصل ڪيائين ۽ مئٽرڪ ڊي سي هاءِ اسڪول مان 1976ع ڌاري ڪيائين.

علمي ۽ عملي زندگي سنواريو

وسيع مطالعو رکندڙ -ايس. جي. ڀاڳيا پني عاقل ۾ ڊراميٽڪ سوسائٽي جو بنياد وڌو ۽ ڪيترائي ڊراما اسٽيج پڻ ڪيائين. پاڻ انهن ڊرامن ۾ ڇوڪرين جا ڪردار به خوب نڀايائين. سنڌي ادبي سنگت سان سندس تعلق 1977ع کان رهيو آهي ۽ هن وقت تائين -ان- جو سرگرم ساٿي ڪارڪن آهي. سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي چونڊن ۾ به حصو وٺندو رهيو آهي ۽ پني عاقل شاخ جو ڪيترا ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. هو مهراڻ ايڊيوڪيشنل سوسائٽي جو سيڪريٽري پڻ آهي. جنهن جي پليٽ فارم -تان- اسڪول، ڪاليج ۽ ميڊيڪل سينٽر هلي رهيا آهن. -ايس- جي -ڀاڳيا- 1977ع ۾ سياست ۾ به حصو ورتو. شروع کان ئي کاٻي ڌر سان وابسته رهيو. بنيادي طور تي ڪميونسٽ -پارٽي- آف -پاڪستان- سان تعلق هئس، جڏهن ته عوامي نيشنل پارٽيءَ ۽ بي اين پي ۾ به ڪم ڪيائين ۽ هاڻ -پاڪستان- پيپلزپارٽي سان همدرديون اٿس. هن ايم آر ڊي تحريڪ ۾ به ڀرپور حصو ورتو. قومي، عوامي جدوجهد ڪندي ٻه ڀيرا جيل به ڪاٽيائين. 1985ع ۾ پني عاقل ۾ هڪ شاندار ”100 ساله جشن ڪنور -ڀڳت-“ منعقد ڪرايائين. سندس شاعري ۽ ڪالم ڪيترن ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿين ٿا.[1][2]

حوالا سنواريو