اوھان جي پڄاڻان

ڪتاب

هيءُ ڪتاب مشهور سياستدان ۽ قلمڪار رسول بخش پليجي جي شاعريءَ جي طبعزاد ۽ ترجمو ڪيل شاعريءَ جو مجموعو آهي. ڊيمي سائيز جي 160 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد جي مالڪ ناز سنائيءَ 1991ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. پهرئين ڇاپي جي قيمت 40 رپيا ۽ ٻئي ڇاپي جي قيمت 100 روپيا آهي.

اوهانجي پڄاڻان
مصنف رسول بخش پليجو
مترجم رسول بخش پليجو
ملڪ پاڪستان
ٻولي سنڌي
موضوع شاعري
شايع ڪندڙ سنڌي ساهت گهر پهريون ڇاپو
ڇاپي جي تاريخ
1991
ابلاغي ذريعي جو قسم ڪتاب
صفحا 160

هن ڪتاب جو مهاڳ مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار خاتون نور الهديٰ شاهه لکيو آهي، جنهن ۾ هن لکيو آهي ته ”پليجي صاحب جا هي ترجما ۽ سندس پنهنجا ڪجهه نظم ذهن جي سوڪهڙي تي -برسات- جي شروعاتي بوندن جيان ڪرن ٿا“.

هن ڪتاب ۾ پليجي صاحب پنهنجي شاعريءَ ۽ پشتو ٽپن جي ترجمن سان گڏ عربي شاعري، جپاني شاعري، فارسي شاعريءَ جا ترجما خاص ڪري روميءَ، حافظ ۽ خيام جا ترجما شامل ڪيا آهن. [1]


حوالا سنواريو

  1. "اوهان جي پڄاڻان". encyclopediasindhiana.org. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا. حاصل ڪيل 7 June 2018.