دُوارڪا ٻيٽ هندوستان جي رياست گجرات (Gujraat) جي ضلعي دُوارڪا (Duwaarka) جو هڪ ننڍو ٻيٽ آهي، جنهن جي ڀرسان سمنڊ جي اندر غرق ٿيل هڪ شهر به لڌو ويو آهي، ان شهر کي دُوارڪا چون ٿا. دُوارڪا ديش شري ڪرشن ڀڳوان جي راڄڌاني هئي، دُوارڪا 4000 سال اڳ سمنڊ ۾ غرق ٿي ويو، جنهن جا آثار سمنڊ جي اندر دُوارڪا ٻيٽ جي ڀرسان موجود آهن. دوارڪا ٻيٽ کان 3 ڪلوميٽر فاصلي تي اوکا پورٽ (Okhha portt) آهي، اوکا جو شهر شري ڪرشن ڀڳوان (Shiri Kirshan Bhaggwaan) جي پوٽي انيرُڌ اڏرايو (Anerudh Aadhrayo) هيو، اوکا ۽ دُوارڪا ٻيٽ ۾ هن وقت تائين سنڌي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. ايسٽ انڊيا ڪمپني جڏهن ڪراچي پورٽ تعمير ڪرايو ته لکين سنڌي اوکا ۽ دُوارڪا ڇڏي ڪراچي لڏي آيا. ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ميمڻ اڪثريت ۾ اوکا جا آهن جيڪي هاڻي پنهنجو پاڻ کي اوکائي ميمڻ (Okhhaai Memann) سڏرائين ٿا. [1]

حوالا سنواريو

  1. مرتب ۽ ترتيب؛ برڪت نوناري