هندن ۾ ڪو مرندو آهي تہ ٻارهين ڏينھن هن جو اوٿارو ڪندا آهن. اهو دستور پارسين ۾ بہ آهي. پارسي لوڪ اوٿارو بدران چون اُٿمان (Day of resurrection) هي ٻئي لفظ ”اُٿڻ“ مان ٺھيا آهن. ٻارن ٻچن، گهر ۽ ڌن دولت وغيره ۾ موھ هئڻ سبب پھريائين ٿورا ڏينھن پراڻيءَ جو واسو دنوي شين ۾ رهي ٿو؛ ۽ اوٿاري ڏينھن هو اُٿي، جم جاترا تي نڪري ٿو. اهي آهن هندن ۽ پارسين جا عقيدا. هندن وانگر پارسي بہ ڏهاڪي جو ڪرم ڪندا آهن، ۽ چانورن جي اٽي جو پيڙو ٺاهي ڪانون کي ڏيندا آهن. هنن ۽ ٻين اهڙين ڳالهين مان ڪيترن يوروپي عالمن کي ائين وسھڻ لاءِ سبب ٿيو آهي تہ هندو ۽ پارسي هڪ ٻئي جا ويجها سؤٽ آهن، ۽ ڌرم ڪرم بنھ هڪڙو ئي هئن. اهي ساڳين ديوتائن کي ساڳين هندڪن نالن سان سڏيندا هئا.[1]

  1. قديم سنڌ (ڀيرومل مھرچند آڏواڻي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2020-10-29 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-03-07