اونداهو کنڊ (Dark Continent) اهل يورپ، جيستائين آفريڪا کي دريافت نہ ڪيو هو، تيستائين ان کنڊ کي ’اونداهو کنڊ‘ سڏيندا هئا. ڇو جو کين آفريڪا جي باري ۾ ڪابہ معلومات نہ هئي. ادب ۾ اهو اصطلاح ڪنھن اڻڄاتل يا مبھم خيال لاءِ بہ استعمال ٿيندو آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.