اَوليائت (Transcendence) هڪ قسم جي مذهبي ۽ فلسفيانه تحريڪ، جيڪا سال 1820ع ۾ آمريڪا ۾ هلي، هن کي ماورائيت يا بعيد الفھم يا سمجهہ کان مٿانھين ڪيفيت بہ چيو ويندو آهي. سماجي ۽ سياسي ڌريون انسان جي پاڪائيءَ کي داغدار ڪن ٿيون، هي تحريڪ ان خلاف هلي هئي. اوليائت پسند انسان جي پاڪائيءَ تي يقين رکندا آهن.[1]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.