اوزار
اوزار انسانن کي روزمره جي مختلف ڪمن ۾ ڪم ايندڙ شين جو نالو آھي. جھڙوڪ ڇري، ھٿوڙي، سوٽي، سئي وغيره
تاريخ
سنواريوتاريخ جي دور کان اڳ انسان پٿر جا اوزار استعمال ڪندا هئا. جهڙوڪ: پٿر جا ٺهيل مترڪا ۽ ڪهاڙا وغيره. ان کان پوءِ لوهه جو دور آيو ته انسان بيشمار اوزار ايجاد ڪيا. جهڙوڪ: ڇُري، ڪئنچي، ڏاٽو، بيلچو، ڪهاڙي، ڪوڏر، واهلو ۽ کُرپي وغيره. اُهي هٿ سان استعمال ٿيندا هئا ۽ هاڻي به انهن جي اهميت اهائي آهي. ان کان سواءِ هاڻوڪي دؤر ۾ بجليءَ جا اوزار به ايجاد ڪيا ويا آهن، جن سان انسان جي توانائي، پئسو ۽ وقت بچي ٿو.[1]
موجوده دور ۾ ھلندڙ اوزار
سنواريوموجوده وقت ۾ هلندڙ اوزارن جو مختصر بيان هيٺ ڏجي ٿو: هر ڪنهن هنرمند يا ڪاسبيءَ جي ڪم جا اوزار جدا جدا هوندا آهن. ڪي اوزار ته گهڻو ڪري ساڳيائي ڪم ۾ ايندا آهن، باقي گهڻا تڻا الڳ هوندا آهن. جيئن ته:[1]
- واڍڪي ڪم جا اوزار: ڪارائي، واهولو، مترڪي، انبوري، سرائي، رندو ۽ پيچ ڪش وغيره.
- رازڪي ڪم جا اوزار: تيشي، وڏي چوناري، ننڍي چوناري، مستر، ليول، شاهُل، تغاري، ڪوڏر، بيلچو ۽ ڪوازا وغيره.
- ڪنڀارڪي ڪم جا اوزار: چَڪ، ٺپڻيون، ڪُنيرا، جڏهن ته آويءَ ۾ ٿانوَ پچائيندا آهن.
- لوهارڪي ڪم جا اوزار: انبور، ڇيڻي، وڏاڻ، سنداڻ ۽ ڌمڻ وغيره.
- سونارڪي ڪم جا اوزار: ڏِيو، ڦُوڪڻي، ريهه ۽ ڄئو وغيره.
- حجامڪي ڪم جا اوزار: ڪئنچي، نهيرڻ، ڦڻي، وارن جي مشين، ڀاني، آرسي، نچڪڻو ۽ پوتڙو وغيره.
- وينجهرڪي ڪم جا اوزار: سيراڻ، مَلَ، چُستَ، لاک، رانجهن ۽ ابرڪ وغيره.
اهڙيءَ طرح موٽرن، ريڊين، ٽي وي وغيره هر هڪ ڪم جا جدا جدا اوزار ٿيندا آهن.
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 اوزار انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين) جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع