اورنگزيب ڀٽي
ليکڪ ۽ شاعر اورنگزيب ڀٽي 5 آڪٽوبر 1963ع تي ٽنڊي غلام حيدر، ضلعي ٽنڊو محمد خان ۾ پيدا ٿيو. تعليم انٽر اٿس، پنگريو شگر مل ۾ پي. آر. او آهي. سٺو ليکڪ ۽ ڪمپيئر آهي. سندس ڪيترائي مضمون ۽ شعر شايع ٿيل آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ”آڙنگ منجهہ عشاق“ (شاعري: 1993ع)، ”نواز شريف ۽ سنڌ“ (1996ع)، ”هڪڙو پيارو ماڻهو“ (1998ع)، ”ڌرتيءَ جون دانھون“ (شاعري: 2004ع) شامل آهن.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ اورنگزيب ڀٽي : (Sindhianaسنڌيانا) انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (ويبسائيٽ)، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ.