اودئيني
اَودِئَينَي (انگريزي: Odienné) (فرينچ اچار: [ɔdjɛne]) آئيوري ڪوسٽ ڊينگيلي ضلعي ۾ واقع ھڪ شھر جو نالو آھي جيڪو ملڪ جي اتراولھ ۾ واقع آهي ۽ ساڳي وقت ضلعي ۽ ريجن جي صدر مقام ھجڻ سميت اودئيني ڪميون ۽ اودئيني سب پريفيڪچر جو پڻ صدر مقام آهي. ھن شھر جو بنياد ماندينڪي قبيلي جي ماڻهن واڪابا طوري جي دؤر ۾ رکيو ھو ۽ بعد ۾ ساموري طوري اتي ھڪ مددگار اڏو قائم ڪيو ھو. ھن شھر لڳ سون جون کاڻون واقع آھن. واڪابا طوري جو مقبرو پڻ ھن شھر لڳ واقع آهي. شھرين کي ايئرپورٽ جي سھولت پڻ ميسر آهي.[3][4] ھڪ راندين وارو اسٽيڊيم پڻ واقع آهي[5] سينٽ آگسٽائين ڪيٿيڊرل پڻ واقع آهي جيڪا رومن ڪيٿولڪ جي بشپ جو ھن شھر وارو صدر مقام آهي[6][7] 2014 ۾ ھن شھر جي آبادي 42,173 ھئي. ھن شھر جي پسگردائيءَ ۾ سب پريفيڪچر واري حدن اندر 17 ڳوٺ واقع آھن جن ۾ [8] سيرانا، گبانھانلا، ڪوئروئڪرو مافَيلي ۽ زئَيوَاسَو شامل آهن. 2014 ۾ سب پريفيڪچر جي آبادي 50,506 ھئي[8].
اَودِئَينَي Odienné | |
---|---|
آئيوري ڪوسٽ ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 9°30′N 7°34′W / 9.500°N 7.567°W | |
ملڪ | آئيوري ڪوسٽ |
ضلعو | ڊينگئيلي ضلعو |
ريجن | ڪابادوگئو |
ڊپارٽمينٽ | اودئيني ڊپارٽمينٽ |
بلندي[1] | 437 ميل (1,434 ft) |
آبادي (2014)[2] | |
• ڪل | 50,506 |
تاريخ
سنواريوشھر جو بنياد سينوفو ۽ ماندينڪي ماڻھن وڌو هو پر اھو واڪابا طوري (1800–58) سان منصوب ڪيو وڃي ٿو جنھن ڪابادوگئو ايمپائر جو پڻ بنياد وڌو ھو. فرينچ کوجنا ڪندڙ رينَي ڪائِلئَي ھن شھر ۾ 1827ع ۾ آيو ھو[9] 1898 ۾ فرانس ھن شھر ۾ فوجي چوڪي قائم ڪيو ھو[1] آئيوري ڪوسٽ جي پھرين گھرو ويڙھ ۾ ھي شھر آئيوري ڪوسٽ جي نئين فوج جو مضبوط ڳڙھ ھيو. جنگ جي مرڪز کان پري ھجڻ ڪري ويڙھ دوران نسبتن پرامن رھيو.[3]
معيشت
سنواريوھن شھر جي معيشت زرعي آھي ۽ زرعي جنسن ۾ مقامي پيدوار ميون، کاڄن، ڪچالو ۽ ڪپھ جي ٿئي ٿي جن لاء منڊي ھن شھر ۾ آھي.[9] ھتي سارين جي ڇڙائي جا ڪارخانا ۽ ميگنيز جي پيداوار صنعت پڻ واقع آهي[10].
رانديون
سنواريوھتي ھر قسم جي راندين کيڏڻ لاء ھڪ ميونسپل اسٽيڊيم واقع آهي جنھن کي اسٽيڊ اسٽيڊيم سڏيندا آهن[5] ان کان سواءِ ھڪ فٽبال ڪلب پڻ واقع آهي.
آبهوا
سنواريوموسمي رڪارڊ : اودئيني | |||||||||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
مھينو | جنور: | فبرو: | مارچ | اپريل | مئي | جون | جولاء | آگسٽ | سيپ: | آڪٽو: | نومبر | ڊسمبر | سال |
اوچي پد جي سراسري°C (°F) |
33.4 (92.1) |
35.6 (96.1) |
35.3 (95.5) |
34.9 (94.8) |
33.2 (91.8) |
31.3 (88.3) |
29.8 (85.6) |
29.5 (85.1) |
30.2 (86.4) |
29.9 (85.8) |
32.6 (90.7) |
32.3 (90.1) |
32.3 (90.1) |
روزاني سراسري°C (°F) | 24.0 (75.2) |
27.1 (80.8) |
28.5 (83.3) |
28.4 (83.1) |
27.3 (81.1) |
25.8 (78.4) |
24.8 (76.6) |
24.5 (76.1) |
24.7 (76.5) |
25.3 (77.5) |
25.1 (77.2) |
23.3 (73.9) |
25.7 (78.3) |
گھٽ پد جي سراسري°C (°F) |
14.7 (58.5) |
18.4 (65.1) |
21.3 (70.3) |
22.3 (72.1) |
21.9 (71.4) |
20.9 (69.6) |
20.5 (68.9) |
20.3 (68.5) |
20.4 (68.7) |
19.8 (67.6) |
18.2 (64.8) |
14.8 (58.6) |
19.5 (67.1) |
سراسري پرسپييئيشن mm (انچ) | 43.0 (1.693) |
10.6 (0.417) |
33.4 (1.315) |
78.9 (3.106) |
118.8 (4.677) |
153.4 (6.039) |
283.5 (11.161) |
342.2 (13.472) |
251.2 (9.89) |
140.6 (5.535) |
31.5 (1.24) |
13.6 (0.535) |
1,500.7 (59.083) |
اس جي ماھوار وقت جي سراسري |
242.0 | 220.2 | 217.3 | 214.7 | 248.8 | 221.8 | 183.5 | 174.5 | 185.4 | 235.8 | 252.0 | 242.6 | 2,638.6 |
Source: NOAA[11] |
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 Ambe Njoh (24 January 2007). Planning Power: Town Planning and Social Control in Colonial Africa. CRC Press. p. 86. ISBN 978-1-135-39160-7. https://books.google.com/books?id=sZ15AgAAQBAJ&pg=PA86.
- ↑ "Côte d'Ivoire". geohive.com. وقت 24 November 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 5 December 2015. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ 3.0 3.1 Tom Sykes (25 July 2016). Ivory Coast. Bradt Travel Guides. p. 192. ISBN 978-1-78477-004-4. https://books.google.com/books?id=EUqJDAAAQBAJ&pg=PA192.
- ↑ "(KEO) Odienne Airport". FlightStats. حاصل ڪيل 19 October 2016.
- ↑ 5.0 5.1 "Côte d’Ivoire/ Ligue 1 : La SOA surprise à Yamoussoukro par l’AS Denguélé d’Odienné | Côte d'Ivoire / AIP". aip.ci (ٻولي ۾ French). حاصل ڪيل 19 October 2016.
- ↑ "Pentecôte: Dominique Ouattara à la Cathédrale St Augustin d’Odienné". Abidjan.net. حاصل ڪيل 19 October 2016.
- ↑ Cheney, David M. "Odienné (Diocese) [Catholic-Hierarchy]". www.catholic-hierarchy.org. حاصل ڪيل 19 October 2016.
- ↑ 8.0 8.1 "RGPH 2014, Répertoire des localités, Région Kabadougou" (PDF). ins.ci. حاصل ڪيل 5 August 2019.
- ↑ 9.0 9.1 Tom Sykes (25 July 2016). Ivory Coast. Bradt Travel Guides. p. 191. ISBN 978-1-78477-004-4. https://books.google.com/books?id=EUqJDAAAQBAJ&pg=PA191.
- ↑ "Odienne | Cote d'Ivoire". Encyclopædia Britannica. حاصل ڪيل 19 October 2016.
- ↑ "Odienné–Aero Climate Normals 1961–1990". National Oceanic and Atmospheric Administration. حاصل ڪيل December 21, 2015.