مَلهه جو هڪ داءُ، جنهن ۾ هڪڙو ملهه مخالف جي ٽنگ کي آڏڙي ڏيئي، پٺتي ڌڪي، ڪيرائي وجهي. ان داءُ کي ”جانٺو“ به چئجي. وڻ مان ميوو وغيره پٽڻ لاءِ ڪاٺي يا لوهه جي تار جو ڪنڍو، جيڪو ميوي جي ڏانڊيءَ ۾ وجهي ڇڪجي ته ميوو پٽجي اچي، ان کي به انگڙو چوندا آهن، پر جيڪڏهن ڪنڍو ننڍو هوندو ته ان کي ”انگڙي“ چوندا آهن.[1]

حوالا سنواريو

  1. انگڙو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين) جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع