انڊس نيوز (Indus News) سنڌي ۾ ھڪ خبرن جي ويب سائٽ آھي جنھن ۾ خبرون، ڪالم، بلاگ، فيمينزم ۽ ٻين موضوعن تي سنڌي ٻولي ۾ مواد شايع ٿئي ٿو.

انڊس نيوز

انڊس نيوز
قسم ڊجيٽل جرنلزم
باني ظھور سولنگي
ايڊيٽر مقصودہ ظھور
بنياد پيو ڊسمبر 4, 2010؛ 13 سال اَڳُ (2010-12-04)
ٻولي سنڌي
صدر دفتر اسلام آباد، پاڪستان
ويب سائيٽ https://indusnews.net/
لوگو

تعارف سنواريو

شروعات:  2007 ۾ نيشنل لئنگوئج اٿارٽي (مقتدره قومي) زبان جي آءِ ٽي شعبي ۾ ڪم ڪندي خيال آيو ته ڇو نه سنڌي ٻولي ۽ سنڌ لاءِ انٽرنيٽ تي ڪم ڪجي. ان ئي سال ماءِ سنڌ ڊاٽ انفو جي نالي سان ھڪ ڊومين ورتو ويو پر سال تائين به ان سلسلي ۾ ڊومين کان علاوه ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگھي. ريڊيو ٻڌڻ جو شوق ھئڻ ڪري ماءِ سنڌ ڊاٽ انفو سان گڏوگڏ ڊڪسنگ ورلڊ ڊاٽ انفو جي نالي سان ھڪ انگريزي ۾ ويب سائٽ شروع ڪئي ويئي جيڪا پنجن سالن تائين ھلي پوءِ ان کي بند ڪيو ويو. ان دوران ڊسمبر 2010 ۾ خيال آيو ته ڇو نه انٽرنيٽ تي خبرن جي ھڪ ويب سائٽ ٺاھي وڃي، ان سلسلي ۾ ڊڪسنگ ورلڊ ڊاٽ انفو تي ئي ھڪ سنڌي ويب سائيٽ ٺاھي ويئي پوءِ جولاءِ 2010 ۾ ان جو نالو تبديل ڪري انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ جي نالو رکيو ويو ۽ سموري سنڌ مان اعزازي نمائندا رکيا ويا جيڪي انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ کي اي ميل ذريعي خبرون موڪليندا رھيا.

ايوارڊ سنواريو

سن 2011 ۾ پاڪستان بلاگ ايوارڊ ۾ علاقائي ڪيٽيگري ۾ انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ کي يوٽيوب، ڊيل، انٽيل، ايڪسپريس نيوز ۽ ڊي جوس طرفان ھڪ ايوارڊ ڏنو ويو.

پاڊڪاسٽ سنواريو

ايوارڊ ملڻ کان پوءِ انڊس نيوز ڊاٽ تي آڊيو پاڊڪاسٽ جو سلسلو شروع ڪيو ويو، پھرين ڪڙي جو عنوان ھيو ته سنڌي سنڌين کي اڙدو ۾ ايس ايم ايس ڇو ڇا ته ڪن، ان سلسلي کي ڪافي موٽ ملي.

سوشل ميڊيا سنواريو

انڊس نيوز جي شروعات ۾ ئي فيس بڪ. يوٽيوب ۽ يوٽيوب تي اڪائونٽ کوليا ويا ان طرح انڊس سوشل ميڊيا ذريعي خبرن جو سلسلو شروع ڪيو.

نمائندا سنواريو

انڊس نيوز کي ھلائيندڙ اھي رضاڪار نمائندا آھن جيڪي سنڌ جي مختلف شھرن ۾ خبرون موڪليندا رھن ٿا.

ايس ايم ايس خبرون سنواريو

2012 ۾ ايس ايم ايس نيوز جو سلسلو شروع ڪيو ويو جنھن ۾ ھڪ يا ٻن لائينن جي خبرن ايس ايم ايس جي ذريعي وٺڻ شروع ڪئي ويئي ۽ ٽوئيٽر تي شايع ڪري ان کي ويب سائيٽ جي سائيڊ تي ايمبيڊ ڪيو ويو.

حوالا سنواريو

[1][2]

  1. "انڊس نيوز نيٽ ورڪ". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2020-02-11. 
  2. "Online sindhi indus news Islamabad". epaperdaily.com. حاصل ڪيل 2020-02-11. 

[1]

  1. zasolangi. "انڊس نيوز جو تعارف". Indus News (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2020-02-11.