سندس اصل نالو -انور- علي ابڙو آهي. هو 25 ڊسمبر 1964ع تي ڳوٺ ڏنگڙي لڳ موهين جو دڙو ۾ پيدا ٿيو. بي اي پاس ڪري وڌيڪ پڙهڻ ڇڏيائين. هو شاعر ۽ نثرنگار آهي. سندس ڪيتريون ئي تصنيفون رسالن، اخبارن ۾ ڇپيل آهن. ڇپيل ڪتابن ۾ ”ڏوٿي انهيءَ ڏيهه جا“ (سفر نامو 1994ع)، مُهين جو ماڻهو“ (سوانح: سوڀو گيانچنداڻي 2006) شامل آهن. هن وقت هو لاڙڪاڻي ۾ رهي ٿو.[1]

حوالا سنواريو