انصار برني-، قانوندان ۽ سماجي ڪارڪن آهي، جيڪو 14 -آگسٽ- 1956ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو. ڪراچي يونيورسٽيءَ مان بي. اي.، ايم. اي، ۽ ايل. ايل. بيءَ جون ڊگريون ورتائين. پي. ايڇ. ڊيءَ جي اعزازي ڊگري سري لنڪا مان حاصل ڪيائين. شاگرديءَ واري زماني کان ئي انصاف، انساني حقن، امن ۽ -جمهوريت- جو حامي ۽ سرگرم ڪارڪن رهيو آهي. سندس سرگرميءَ سبب مارشل لا حاڪمن کيس 1977ع ۾ -اٺ- مهينا سخت پورهئي سان سزا ڏيئي جيل موڪليو. آزاد ٿيڻ جي ڪجهه مهينن کان پوءِ ٻيهر کيس گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو ويو. 1979ع ۾ ٽيون دفعو کيس هڪ مهيني لاءِ گرفتار ڪيو ويو. مسلسل جيل ۾ رهڻ ڪري هن فيصلو ڪيو ته آزاد ٿيندي ئي بيگناهه ۽ مظلوم قيدين جي نجات لاءِ ڪو ادارو قائم ڪندو. 1980ع ۾ هن ”-انصار برني- انٽرنئشنل ويلفيئر ٽرسٽ“ قائم ڪيو ۽ -ان- جا ذيلي ادارا به قائم ڪيائين، -جن- ۾ قيدين جي قانوني امداد لاءِ، گم ۽ اغوا ٿيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ ۽ دهشت گرديءَ جي خاتمي لاءِ ڪميشنون شامل آهن، -جن- جي پلئٽفارم -تان- هزارين نوجوان جاکوڙي رهيا آهن. -انصار- برنيءَ کي بي لوث محنت ۽ خدمتن جي اعتراف طور 180 کان وڌيڪ اوارڊ ۽ اعزاز ملي چڪا آهن. 2007ع ۾ کيس انساني حقن جو وزير پڻ مقرر ڪيو ويو هو.[1]

حوالا سنواريو