انساني حقن جي تعليم

انساني حقن جي تعليم (انگريزي:Human Rights Education) جي وصف ايئن ڪري سگهجي ٿي ته اها انساني حقن بابت ڄاڻ، ان جي قدرن کي سمجهڻ واري مهارت جي تعمير ڪري ٿي ته ان جي ڪهڙي شئي انساني حقن جي تصور يا اصولن لاءِ قابل قبول آهي. هن قسم جي سکيا شاگردن کي پنهنجن تجربن کي انساني حقن جي نقطءِ نظر تحت پرکڻ سيکاري ٿي ۽ انساني حقن جي تحت سوچڻ، فيصلو ڪرڻ ۽ پاڻ کي ضم ڪرڻ جي انهن ۾ صلاحت اجاگر ڪري ٿي.[1] عالمي اسيمبلي موجب انساني حقن جي تعليم ماڻهن کي ذهني طور صحتمت يا سگهارو بڻائڻ جي هڪ رستو يا طريقيڪار آهي جنهن تحت آهي پاڻ ۾ مهارت يا پاڻ ۾ روش پيدا ڪري سگهن جيڪا برادري، سماج يا دنيا جي سطح تي انساني وقار ۽ برابري کي فروغ ڏئي سگهي.[2]

غير امتيازي سنواريو

قومي اقتصاديات يا معاشيات ۽ سماجي حقن ۾ غير امتيازي سلوڪ يا فرق واري پهلو جي اهميت بيان ڪيل آهي. حڪومتن کي ان کي ڏسڻ گهرجي ۽ ان تي بنا رنگ، نسل، مذهب، ٻولي، برادري يا قبيلي، قوم يا سماجي خطي، سياسي يا ذاتي موفق، ڄم يا ڪنهن ٻئي معيار پٽاندڙ بغير امتياز جي عمل ڪرڻ گهرجي. سمورا شاگرد، والدين ۽ برادريون حق رکن ٿيون ته اهي انهن ٿيندڙ فيصلن ۾ حصو وٺن جيڪي سندن اسڪول يا تعليم جي حق کي متاثر ڪرڻ لڳن ٿا.[3]

انساني حقن جي تعليم ۽ تربيت سنواريو

انساني حقن جي تنظيم (OHCHR) ٽيڪنيڪل سهڪاري پروگرامن جي تناظري ۾ قومي يا مقامي سطح تي انساني حقن جي تعليم ۽ تربيت کي فروغ ڏيڻ جي حق ۾ آهي.[4]

حوالا سنواريو

  1. "WHAT is human rights education?". www.theadvocatesforhumanrights.org. حاصل ڪيل 2020-01-30. 
  2. "Human Rights Education". www.amnesty.org. حاصل ڪيل 2020-01-30. 
  3. "What is the Human Right to Education?". NESRI | National Economic & Social Rights Initiative. حاصل ڪيل 2020-01-30. 
  4. "OHCHR | Technical Cooperation Homepage". www.ohchr.org. حاصل ڪيل 2020-01-30.