اندرا شبنم پوناوالا

(اندرا شبنم کان چوريل)

اندرا شبنم(انگريزي:Indra Shabna) سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻوليءَ جي شاعر ۽ اديب آهي جنهن جا ڪيترائي ئي ڪتاب ڇپيل آهن. اندرا پونا والا شهدادپوري يا اندرا شبنم اندو جنم( 24 نومبر 1956[1]) هڪ هندستاني سنڌي استاد، پروفيسر، سنڌي ٻوليءَ جي ٽي سال ييروڊا جيل جي عورتن جي وارڊن، ڳوٺاڻي وڀاڳ جي ڪرمنل انويسٽيگر، سوشل رفارمسٽ ۽ شاعر آھي. جنهن شاعريء جي شروعات 10 سالن جي عمر کان اخبار ۾ ڪَوِتا موڪلي هندواسي ڪئي. سندس پنجن ٻولين ۾ 28 ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آھن جن۾  سنڌي، هندي، اڙدو، مراٺي ۽ انگلش شامل آھن. کيس سندس ڪارڪردگيء تي ڪيترائي انعام پڻ ملي چڪا آھن. سنڌيء ۾ 7ڪتاب، شبنمي قطرا غزل ٽي ڇاپا، سلڻ ، جو سک نظم ٻه ڇاپا، جاڳيل ضمير نظم ٻ ڇاپا، حقيقتون نظم هڪ ڇاپو، ۽ عبادت ڪهاڻين جو مجموعو پنج ڇاپا ٻ دفعا انعام کٽيل، عشق عبادت ڪهاڻين جو مجموعو مرڪ پبليڪشن ڪراچي سنڌ ۾ مهورت ٿيو. گڏيل شاعري جا ڪتاب ست سنڌ ۾ ڇپيل اٿس.

زندگي ۽ ادب سنواريو

سنڌي زبان جي خوبصورت ليکڪا، ڪهاڻيڪار ۽ شاعره آهي. هن جو پورو نالو اندرا ٽيڪچند شهدادپوري آهي ۽ سندس ادبي نالو "اندرا شبنم" پونا والا آهي. هن 22 نومبر 1950ع تي ڪراچي ۾ -جنم- ورتو. سندس والد حيدرآباد سنڌ ۾ ۽ سندس والده لاڙڪاڻي ۾ ڄائي هئي. -اندرا شبنم- جي -تعليم- بي.اي، بي. ايڊ ۽ هنديءَ ۾ ساهت رتن آهي. اندرا 22 سالن تائين پمپري جئه هند هاءِ اسڪول (مهاراشٽر) ۾، ٻه ٽي سال سينٽ ميران اسڪول پوني ۽ هڪ سال تائين پونا ڪاليج ۾ -استاد- رهي آهي. هڪ سال تائين يرودا جيل ۾ عورتن جي وارڊن به رهي آهي. اندرا هڪ ئي وقت سنڌي، هنديءَ ۽ -اردو- جي ليکڪا آهي. هن جي سنڌيءَ ۾ ڇپيل ڪتابن ۾ ”شبنمي قطرا (شاعري 1991ع)، سلڻ جو سُک (شاعري 2000ع)، عبادت (ڪهاڻيون 2001ع)، جاڳيل ضمير (شاعري 2006ع)“ اچي وڃن ٿا. جڏهن ته ”تصويرين“ (هندي آزاد نظم: 2000ع)، ”سر گوشيان“ (هندي -اردو- غزل: 2002ع)، ميري منتخب نظمين (-اردو- شاعري: 2008ع) ۽ ضمير اپنا اپنا (-اردو- شاعري: 2008ع)“ به ڇپجي چڪا آهن. هن جي سنڌي ڪهاڻين جي ڪتاب ”عبادت“ جو هنديءَ ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. سندس ڪتابن ”شبنم قطرا قطرا“ کي سنڌي اڪيڊمي دهليءَ پاران (1996ع)، ”عبادت“ کي نيشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج گجرات پاران (2003ع) ۽ ”سرگوشيان“ کي ڪولها پور (مهارا شٽر) ۾ -انعام- ملي چڪا آهن. اندرا پوني جي سنڌي، هندي ۽ -اردو- ادبي جماعتن جي سرگرمين ۾ حصو وٺندي رهندي آهي. هوءَ هن وقت ماڊل ڪالوني، شوا جي نگر، پوني (ڀارت) ۾ رهائش پذير آهي.[2]

حوالا سنواريو

ٻاهريان ڳنڍڻا سنواريو