اقبال جوڳي (انگريزي ٻولي: Iqbal Jogi) (ڄم ـ 1 جنوري 1925ع ـ 16 اپريل 1987ع) مرليءَ جي فن ۾ عالمي شهرت رکندڙ فنڪار هيو. اقبال ولد ڪلامتي -جوڳي- 1 جنوري 1925ع ڌاري ڳوٺ همباره، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو. 35 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجو اباڻو ڳوٺ ڇڏي سنڌ جي تاريخي شهر اروڙ جي ڀرسان ديهه بنٽاري ۾ اچي رهائش پذير ٿيو ۽ آخر تائين اتي مقيم رهيو. هيءُ غربت جي ڪري -تعليم- حاصل نه ڪري سگهيو. کيس مرلي وڄائڻ جو فن پنهنجي والد کان ورثي ۾ مليل هو. هن مرلي وڄائڻ ۾ مسلسل تربيت -استاد- سدوري خان جوڳيءَ کان ورتي، جنهن سان گڏ ڪيترائي سال رهي رياضت ڪيائين. شروع کان وٺي مرلي وڄائڻ ۾ نوان لاڙا ۽ سر پيدا ڪرڻ سندس شوق رهيو. هن پهريون ڀيرو 1962ع ڌاري جيڪب آباد جي هڪ ميلي ۾ مرلي وڄائڻ جو نهايت شاندار مظاهرو ڪيو، -جتي- هن کي تمام گهڻو داد مليو. 1964ع ۾ ميرپور بٺوري جي ميلي ۾ سندس مقابلو -ان- وقت جي مشهور مرلي نواز ”ڪاري -جوڳي-“، ”ناٿي -جوڳي-“ ۽ ”رمضان -جوڳي-“ سان ٿيو، جنهن ۾ هن ڪاميابي ماڻي. -ان- ڪاميابيءَ کانپوءِ کيس سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ شاندار مرلي وڄائيندڙ جي حيثيت ملي ۽ مشهور ٿيو. سندس مرلي وڄائڻ جي فن کان سنڌ جو نامور اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان -بلوچ- تمام گهڻو متاثر ٿيو، جنهن هن کي ريڊيو تي متعارف ڪرايو. ريڊيو تي مقبوليت کانپوءِ کيس عبدالڪريم -بلوچ- پي. ٽي. ويءَ تي متعارف ڪرايو. اقبال مرليءَ تي 17 سُر نهايت مهارت سان وڄائي ويندو هو. هن 1974ع ۾ -اسلام- -آباد- ۾ ٿيل ثقافتي ميلي ۾ مرلي وڄائي اتي ويٺل سفيرن کي حيران ڪري ڇڏيو. -اقبال جوڳي- شاهه عبدالطيف ڀٽائي. سچل سرمست، -ٻڍل فقير-، رکيل شاهه ۽ ريجهه علي شاهه جو ڪلام ڳائيندو هو. هن 16 -اپريل- 1987ع تي وفات ڪئي.[1][2][3][4]

پڻ ڏسو

سنواريو
  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=اقبال%20جوڳي
  2. ڪتاب جو نالو: وساريان نه وسرن، مصنف : ممتاز مرزا، ايڊيشن : پهريون 1988ع، ڇپيندڙ : شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز ڀٽ شاهه، حيدرآباد
  3. "اروڙ جو مست اقبال جوڳي". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2021-10-13. 
  4. "Sindhi Adabi Board Online Library (سنڌي ادبي بورڊ)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2021-10-13. 

ٻاهريان ڳنڍڻا

سنواريو