سنڌي ٻوليءَ جو مشهور شاعر ۽ سماج سڌارڪ جنهن 1848ع ۾ -جنم- ورتو. هن جي ”مسدس اٻوجهو“ مولانا حاليءَ جي مشهور ”مسدس حالي“ جي طرز تي لکيل آهي. جنهن ۾ مسلمانن جي حالت جو نقشو چٽيو اٿس. هن سنڌ جي مسلمانن ۾ تعليمي، سياسي ۽ سماجي شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ گهڻيون ڪوششون ڪيون ۽ سنڌ مدرسة -الاسلام- جي قيام لاءِ مرحوم حسن علي آفنديءَ سان گڏجي ڪوششون ڪيائين، اُتي فارسيءَ جو -استاد- به ٿي رهيو. -ان- زماني ۾ هن هفتيوار ”معاون“ -اخبار- به -جاري- ڪئي. سنڌي ڇوڪرين لاءِ ڪراچيءَ ۾ ڌار -انگريزي- اسڪول قائم ڪرايائين. سندس هڪ نياڻي شاه بيبي ايم. اي ڪئي، -تعليم- جي شعبي سان وابسته رهي ۽ سالن جا سال ريڊيو -پاڪستان- ڪراچيءَ -تان- سنڌيءَ ۾ خبرون پڙهندي هئي، سندس ٻي ڌيءَ بلقيس -اسلام- -آباد- ۾ -تعليم- واري وزارت ۾ آفيسر هئي ۽ اتان سنڌي خبرون پڙهندي هئي، سندس -ٽين- ڌيءَ گل بيبي اين. جي. وي اسڪول ڪراچيءَ جي پرنسپال رهي، اهڙيءَ طرح الهه بخش اٻوجهو نه صرف عام سنڌي مسلمانن لاءِ پر سنڌي نياڻين لاءِ -تعليم- جي ميدان ۾ مثالي خدمتون سرانجام ڏنيون. هي سنڌي ٻوليءَ ۾ قومي شاعريءَ جي بانين مان هو، جنهن ”مسدس حالي“ جي طرز تي سنڌيءَ ۾ ”مسدس اٻوجهو“ لکيو. هن 1901ع ۾ وفات ڪئي. سندس مسدس جو ڳچ حصو مسدس حاليءَ جو ترجمو آهي.[1]

حوالا سنواريو