الهه رکا، -استاد-(طبله نواز ):(29 -اپريل- 1919ع کان 3 فيبروري 2000ع) -استاد- -الهه رکا- هندستاني موسيقيءَ جو وڏو نالو آهي. هن طبلي کي وڏي جلا بخشي. -استاد- ويهين صديءَ ۾ طبلي جو وڏو ماهر هو. هن روي شنڪر سان 1967ع ۾ ووڊ اسٽاڪ فيسٽول ۾ حصو ورتو ۽ هندوستاني موسيقيءَ کي يورپين سان متعارف ڪرايو. -آمريڪا- جي صف -اول- جي فنڪارن کيس طبلو وڄائيندي ڏسي ڏاڍو عجب کاڌو. سندن خيال هو ته -استاد- جي هٿن ۾ ڪا مشين لڳل آهي. دنيا جي موسيقيءَ جي ڄاڻن کيس موسيقيءَ جو -آئين- اسٽائين ڪري سڏيو آهي. سندس لائق فرزند ذاڪر حسين هن وقت پاڪستان توڙي هندوستان جو وڏو طبله نواز آهي، جيڪو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري مڃتا ماڻي چڪو آهي.[1]

حوالا سنواريو