سنڌي ٻوليءَ جو مشهور محقق پروفيسر ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ، ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ ”ٻُٽ سِرائيءَ“ ۾، پهرين ڊسمبر 1946ع تي ڄائو. سندس پيءُ جو نالو شاھ محمد ٻُٽ هو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ، ثانوي تعليم دادوءَ مان حاصل ڪيائين. پاڻ لائبريري سائنس ۾ پي. ايڇ. ڊي هئڻ سان گڏ سنڌ يونيورسٽيءَ جو گولڊ ميڊلسٽ پڻ آهي. سندس بهترين تصنيفن ۾ ”سنڌ ۾ ڪتبخانن جي تاريخ“، ”سنڌي رسالن جي تاريخ“، ”سماٽ“ ۽ ”سنڌي طباعت ۽ اشاعت“ شامل آهن. ڊاڪٽر صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ لائبرري ۽ انفارميشن سائنس شعبي جو چيئرمئن رهيو آهي. قديم ڪتابن، لائبريري سائنس، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب تي ڪم ڪندڙ انگريز عالمن تي سندس ڪيترا تحقيقي مضمون اخبارن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي لئبريري ڪاميٽيءَ، تعليمي ۽ رٿابندي ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهي چڪو آهي. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ايڊيٽرن ۾ بہ شامل آهي. سندس رهائش ڄام شوري ۾ آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. الهرکيو ٻٺ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سررزمين)، جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ.