اردو ۽ سنڌي زبانن جو ناميارو شاعر، اسڪالر ۽ اديب، ڊاڪٽر الياس عشقي، 25 ڊسمبر 1922ع تي جئپور جي هڪ علمي گهراڻي ۾ ڄائو. سندس والد علامہ زري جئپوري، هڪ بھترين شاعر ۽ عالم هو. ڊاڪٽر الياس عشقي اردو، سنڌي ۽ فارسيءَ جو وڏو شاعر هو. هن 1945ع ۾ آگري يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (فارسي) ۽ 1947ع ۾ ايم. اي (اردو) جون سندون ورتيون. 1950ع ۾ ريڊيو پاڪستان سان وابستہ ٿيو ۽ عملي زندگيءَ جي شروعات ڪيائين ۽ حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن جي ڊائريڪٽر جي حيثيت سان رٽائر ٿيو. هن کي فارسي، سنڌي، اردو، هنديءَ ۽ انگريزي ٻولين تي مڪمل عبور هو. 1983ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪيائين. سندس فارسي ڪلام جو مجموعو ”شھر آشوب“، 1949ع ۾ ملتان مان شايع ٿيو. ان کان سواءِ سنڌي شاعرن جي ڪلام جو سندس منظوم اردو ترجمو ”موج موج مھران“، انجمن ترقي اردو ڪراچيءَ طرفان شايع ٿيل آهي. هن کي خاص ڪري شاھ لطيف جي ڪلام تي وڏو عبور حاصل هو. هن شاھ جي ڪيترن سُرن جو اردوءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو، جنهن جو فارم ساڳيو سنڌي بيت وارو رکيائين. سندس ترجمو اصل ڪلام واري لذت ڏئي ٿو. هن جو شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ بابت اردوءَ ۾ لکيل ڪتاب ”آوازِ لطيف“ مڪتبہ دانيال پاران ڇپجي رهيو آهي. ڊاڪٽر الياس عشقيءَ کي 14 آگسٽ 2000ع تي حڪومت پاڪستان ”هلال امتياز“ جي اعزاز سان نوازيو. سندس وفات 16 جنوري 2006ع تي سعودي عرب ۾ پُٽ وٽ ٿي، جتان سندن ميت کي آڻائي حيدرآباد سنڌ ۾ دفن ڪيو ويو.[1]