الله بخش تونيو عاجز

الله بخش تونيو جو پورو نالو پروفيسر الله بخش ”عاجز“ ولد نواز علي تونيو (1915ع - 1978ع) آھي. ھن جو شمار لاڙڪاڻي جي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ ٿئي ٿو. سندس تعلق ميرو خان سان هو. حياتيءَ جو وڏو حصو درس تدريس ۾ گذريائين. پھريائين اسڪولن ۾ اُستاد ۽ پوءِ ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار ٿي رهيو. خوش طبع ۽ زنده دل انسان هو. لاڙڪاڻي جي تعليمي سرگرمينّ ۾ سندس ڪردار مثالي رهيو آهي. سال 1932ع کان سخن جي ميدان ۾ طبع آزمائي ڪيائين. لکڻ پڙهڻ ۾ بہ گَھِري دلچسپي هيس.

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي صحبت ۾، 1954ع کان ذاتي لائبريري قائم ڪيائين. سندس ڇڏيل سرمايي ۾ هن وقت اڍائي هزار ڪتاب ۽ رسالا موجود آهن. اُنهن ۾ سنڌي ڪتابن جو تعداد زياده آهي. سندس پٽ مھتاب احمد هن لائبريريءَ کي سنڀاليندو اچي ٿو.[1]

  1. لاڙڪاڻي ضلعي جا ڪتبخانا، ميمڻ عبدالغفور سنڌي؛ رسالو:مھراڻ؛ 1984ع، جلد 33 ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، سنڌ.