ناليوارو راڳي الطاف حسين ولد ارباب علي سمو پھرين جنوري 1971ع تي شهدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو، سندس تعليم پرائمري آهي. هن ڳائڻ جي شروعات 1985ع ۾ اسٽيج کان ڪئي. ڳائڻ ۾ سندس استاد نواب علي شيخ ۽ محمد بخش ماڇي آهن، پهرين ريڊيو پاڪستان خيرپور تي کيس پروڊيوسر ۽ ناليواري شاعر مختيار ملڪ متعارف ڪرايو، سنڌ جي مختلف ريڊيو اسٽيشنن تي الطاف سمي جا 50 کان وڌيڪ ڪلام رڪارڊ ٿيل آهن. هن جو واسطو نهايت ئي غريب گهراڻي سان آهي. سندس لاڙڪاڻي شهر ۾ ميوزڪ اسٽوڊيو پڻ آهي. مختلف فنڪارن احمد مغل ۽ عاشق نظاماڻيءَ جون ڳايل ڪيتريون ئي ڌنون سندس ڪمپوز ڪيل آهن. هن وقت تائين سندس 15 آڊيو ۽ 2 وڊيو البم اچي چڪا آهن. سندس ڪيترا ڪلام ڪافي مشھور آهن. هن سنڌ جي نامور شاعرن شاھ عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، شيخ اياز، سرڪش سنڌي، جواد جعفري ۽ ٻين کي خوب ڳاتو آهي.[1]

حوالا سنواريو